ٻڌڻي آئيني بينچ ڪندي جنرل بينچ ؟ هاڻي روزاني سوال اُٿندو: جسٽس منصور

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ مسابقتي ڪميشن بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه آئيني  بينچ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اهو ڪيس هاڻي آئيني بينچ ڏانهن ويندو يا اسان به ٻڌي سگهون ٿا؟ لڳي ٿو ته اهو سوال هر روز سپريم ڪورٽ ۾ ايندو رهندو ته ڪيس جي ٻڌڻي جنرل بينچ ڪندي يا آئيني بينچ ڪندي؟ بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته سياسي ڪيس هاڻي آئيني ڪيس بڻجي ويا آهن، جسٽس عائشه ملڪ مسڪرائيندي چيو ته ٺيڪ آهي، هاڻي توهان ڄاڻو ۽ توهان جي آئيني بئنچ ڄاڻي، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪريون ٿا، تيستائين صورتحال واضح ٿي ويندي، جسٽس عائشه ملڪ چيو ته نئين ترميم پڙهو، آرٽيڪل 199 جو ڪيس هتي نه ٿو ٻڌي سگهجي، ان تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته هونئن به اسان پاڻ کي سمجهڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندو، واضح رهي ته 26هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جوڙي ويندي جيڪا آئيني ۽ سياسي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.