ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي دپٽي آرگنائيزر لالا وهاب بلوچ، عطاءُ الله بلوچ، سيف بلوچ، بابل بلوچ ۽ آفتاب بلوچ کي پوليس کنڀي کڻي وئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن پوليس گرفتار ٿيل بلوچ اڳواڻن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي وڪيل صفائي پاران پنهنجي موقف ۾ چيو ويو ته پوليس لالا وهاب ۽ سندس ساٿين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ پر امن احتجاج ڪندڙن بلوچن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري گرفتاريون ڪيون ويون آهن، عدالتي ڪارروائي بعد احتجاج ڪندڙن کي آزاد ڪري مٿن داخل سمورا ڪيس ختم ڪيا ويا.