صحافت ۽ رپورٽنگ پنهنجي جوهر ۾ ڪاريهر نانگ تي پير رکڻ ۽ هر قسم جي مافيائن سان مهاڏو اٽڪائڻ هوندو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڪم جي نوعيت ئي اهڙي آهي ته ان کي هر قسم جي مسئلن، زيادتين، ناانصافين ، ڏاڍائين ۽ عوام جي حقن جي ڦرلٽ کي نشانبر ڪري انهن کي خبرن جي شڪل ۾ اعليٰ اقتداري ايوانن يا واسطيدار اختيارين تائين پهچائڻو آهي. اهو ڪم ظاهر آهي ته بدي جي طاقتن، ظالمن، ڏاڍن، مافيائن ۽ ڏوهاري ڌرين لاءِ ناقابل برداشت آهي تنهن ڪري اهي پنهنجي ڏوهن ۽ ڪڌن ڪمن کي لڪائڻ لاءِ صحافين جي ڪم ۾ رستا روڪ ڪندا آهن.
هونئن ته صحافين ۽ رپورٽرن لاءِ اسان جو سڄو ملڪ عذاب بڻيل آهي پر سنڌ ۾ خاص ڪري صحافين ۽ رپورٽرن خاص ڪري سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ علائقن ۾ رپورٽنگ ڪرڻ جان جوکي ۾ وجهڻ رهيو آهي. ائين گذريل ڪجهه سالن کان وري عوامي آواز جي رپورٽرن لاءِ خاص ڪري جڏهن کان عوامي آواز ڀوتارن، وڏيرن ۽ سردارن خلاف جاڳرتا مهم هلائي آهي ته تڏهن کان سندن گهيرو سوڙهي کان سوڙهو ڪيو پيو وڃي.
ان حوالي سان چمبڙ جي تعلقه رپورٽر ثوبيا کوسو جي اڄ جي رپورٽ آهي ته عوامي آواز ۾ منشيات جي خلاف خبرون هلائڻ تي منشيات فروش مڇرجي پيا آهن ۽ انهن ثوبيا کوسو جي مڙس ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ ذوالفقار کوسي تي قاتلاڻو حملو ڪيو آهي جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو آهي. متاثر ڌر چمبڙ جي ٿاڻي تي ٻن سڃاتل ۽ چئن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت، گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ اطلاعات کاتي کي صحافين کي ملندڙ ڌمڪين، قاتلاڻن حملن جو فوري ۽ سخت ترين نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن ڪو وڏو جاني نقصان نه ٿئي. عام طور تي ائين ئي ٿيندو آهي ته صحافين ۽ رپورٽرن کي ملندڙ ڌمڪين جو فوري طور تي نوٽيس ناهي ورتو ويندو پوءِ معاملو تڏهن هاءِ پروفائيل ٿي ويندو آهي جڏهن ڪو رپورٽر قتل ٿي ويندو آهي پر پوءِ به حقيقت ته اها آهي ته هتي لاقانونيت، بدي جي طاقتن ۽ مافيائن جو راڄ آهي ۽ ان راڄ ۾ ظاهر آهي ته ڏاڍن کي ئي هميشه تحفظ ملندو رهيو آهي پر مقتولن سان انصاف نه ٿي سگهندو آهي عوامي آواز ميرپور ماٿيلو جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي جي معاملي ۾ به اوهان ڏٺو ته سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ ملڪي سطح تي هاءِ گهوڙا ٿي پر قاتلن سان جيئن ته انتظامي ڌريون گڏ هيون ته سندن وار ونگو نه ٿي سگهيو.
حقيقت ۾ ڏسجي ته جيستائين حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ وارو پنهنجو بنيادي فرض ادا نه ڪندي ته تيستائين قاتلن، ڏاڍن ۽ مافيائن جو ائين ئي راڄ قائم رهندو تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي. متاثر ڌر ته پنهنجو قانوني فرض جيئن تئين ادا ڪري ويندي آهي مثال طور ان جو پهريون ڪم ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ هوندو آهي جيئن اسان جي چمبڙ جي رپورٽر ثوبيا کوسو پنهنجي ور تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي ايف آءِ آر چمبڙ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي ته هاڻي پوليس جو ڪم آهي ته اها ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي فور طور تي گرفتار ڪري جن مان متاثر ڌر کي جاني خطرو آهي.
ثوبيا کوسو هڪ رپورٽر طور پنهنجو آئيني ۽ قانوني ڪم ڪري ٿي، ان جي صحافتي ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ، کيس منشيات جي خلاف رپورٽنگ کان روڪڻ لاءِ سندس گهر واري تي قاتلاڻو حملو ڪرڻ ناقابل برداشت عمل آهي. اصولي طور تي ڏسجي ته هي ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيس آهي. اتي مقامي انتظاميا، پوليس ۽ حڪومت کي صحافين جو پاسو وٺڻ گهرجي ۽ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ گهرجي. ڪامريڊ ذوالفقار کوسو پاڻ به هڪ وڏي سياسي شخصيت آهي ان تي قاتلاڻو حملو ڌار هڪ وڏو سياسي اشو آهي ڀلي ان تي ثوبيا کوسو جي رپورٽنگ ڪري حملو ٿيو هجي پر سندس پنهنجو به سياسي قدڪاٺ آهي جنهن تي يقينن سياسي ڌريون به سراپا احتجاج ٿينديون. جڏهن ته بنيادي طور ان ڪيس جو تعلق چمبڙ جي تعلقه رپورٽر ثوبيا کوسي سان آهي جنهن جو ڏوهه صحافت ۽ رپورٽنگ ڪرڻ، ڪاريهر نانگ تي پير رکڻ ۽ هر قسم جي مافيائن سان اڻ سڌي طرح مهاڏو اٽڪائڻ رهيو آهي. ثوبيا يا ڪنهن به پيشيور رپورٽر جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناهي، هوندي انهن جي صحافتي ڪم جي نوعيت ئي اهڙي آهي ته هن کي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ هوندي آهي جنهن جو مقصد ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪرڻ نه پر مسئلا حل ڪرائڻ هوندو آهي. جيڪڏهن اهو ڪم ڪرڻ ڪو ڏوهه آهي ته پوءِ دنيا مان صحافت جو وجود ئي ڀلا ختم ڪري ڇڏيو، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي ئي بند ئي ڪري ڇڏيو ” نه رهي گا بانس نه بجي گي بانسري.“
پر ٻئي طرف حقيقت اها آهي ته ميڊيا کانسواءِ رياست جو وجود ئي اڻ پورو ٿي ويندو. آئيني طور ڏسجي ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، حڪومت، پارليامينٽ ۽ عدليه کانپوءِ ميڊيا تي ئي رياست بيٺل آهي ته ان حساب سان ميڊيا کي ۽ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ۽ رپورٽرن کي به اهو ئي پروٽوڪول حاصل آهي.جيڪو حڪومت پارليامينٽ ۽ عدليه کي مليل هوندو آهي ان پروٽوڪول جي تقاضا اها آهي ته چمبڙ جي مقامي انتظاميه، پوليس ۽ سنڌ حڪومت تعلقه رپورٽر ثوبيا کوسو جي صحافتي ڪم ۾ رنڊڪ وجهندڙ مافيائن ۽ بدي جي طاقتن خلاف سخت ڪارروائي ڪري جيئن کين ڪنهن به صحافي ۽ رپورٽر ۾ هٿ وجهڻ جي همت نه ٿي سگهي ۽ انهن کي احساس ٿئي ته ميڊيا جا هٿ وڏا ۽ ڊگها آهن.
بهرحال بدي جي طاقتن جو جيڪو ڪم آهي سي ڪنديون رهنديون ۽ ڪري رهيون آهن پر جيڪو ڪم حڪومت، پوليس، مقامي انتظاميه ۽ عدالتن جوآهي سو ڪم نه پيو ٿئي تنهن ڪري وقت اچي ويو آهي ته پوليس کاتي ۾ وڏي پئماني تي سرجري ڪرائجي ته جيئن پوليس کاتي جو نظام بهتر ٿي سگهي ۽ ٿاڻن تي جيڪي ايف آءِ آر داخل ڪرائجن ٿيون تن جو فوري طور تي اڪلاءُ ٿيندو وڃي. هتي شريف ماڻهن خلاف ته تڪڙي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي پر بدي جي طاقتن ۽ ڏوهارين ۾ هٿ وجهڻ جي ڪنهن ۾ همت ناهي هوندي پر هاڻي سڀني کي ان معاملي تي سنجيده ٿيڻو پوندو.