ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ٿيل بلوچ اڳواڻ آزاد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي دپٽي آرگنائيزر لالا وهاب بلوچ، عطاءُ الله بلوچ، سيف  بلوچ، بابل بلوچ ۽ آفتاب بلوچ کي پوليس کنڀي کڻي وئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن پوليس گرفتار ٿيل بلوچ اڳواڻن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي وڪيل صفائي پاران پنهنجي موقف ۾ چيو ويو ته پوليس لالا وهاب ۽ سندس ساٿين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ پر امن احتجاج ڪندڙن بلوچن مٿان وحشياڻو تشدد ڪري گرفتاريون ڪيون ويون آهن، عدالتي ڪارروائي بعد احتجاج ڪندڙن کي آزاد ڪري مٿن داخل سمورا ڪيس ختم ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.