2024ع جي ادب جي نوبل پرائز جي فاتح-هان ڪانگ

تحرير: ياسر قاضي

گذريل هفتي جي پنهنجي ڪالم ”نوبل پرائز جِي موسمَ“ ۾ مون نوبل انعام جي تاريخ ۽ هن سال جي نوبل پرائز حاصل ڪندڙ فاتحن جي حوالي سان مختصر ذڪر ڪيو هو. 12 ڏينهن اڳ خميس 10 آڪٽوبر تي جڏهن ادب جي نوبل انعام جو اعلان ٿيو ته ڏکڻ ڪوريا ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي، ڇاڪاڻ ته سوا صديءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ڏکڻ ڪوريائي ليکڪ کي نوبل پرائز ڏنو ويو. اها ڀاڳن واري 54 ساله مشهور ڪورين فڪشن قلمڪار، ’هان ڪانگ‘ آهي، جنهن کان اڳ 1901ع کان وٺي 14 عورتن کي ادب جو نوبل پرائز ڏنو ويو هو ۽ ’هين‘، ان فهرست ۾ 15هين ادبي نوبل اعزاز ماڻيندڙ عورت بَڻي آهي. اهو انگ ادب ۾ نوبل انعام ماڻيندڙ ڪل فاتحن جي انگ جي نسبت 13 سيڪڙو آهي. جڏهن ته باقي 87 سيڪڙو ادبي نوبل اعزاز ماڻيندڙ مرد ”لارييٽس“ آهن.

هان ڪ0انگ، 27 نومبر 1970ع تي ڏکڻ ڪوريا جي شهر ”گوانگجو“ ۾ پيدا ٿي ۽ 9 سالن جي عمر ۾، پنهنجي ڪٽنب سان ”سيول“ شهر ڏانهن لڏي وئي. هن کي ادب ورثي ۾ مليو. سندس پيءُ ”هانگ سئينگ وَن“ هڪ نامور ناول نگار آهي، جڏهن ته سندس ڀاءُ ”هان ڊونگ ريم“ پڻ ليکڪ آهي. هان ڪانگ پنهنجي لکڻين سان گڏ، سنگيت توڙي فنونِ لطيفه جي ٻين شعبن ۾ به گهرِي دلچسپي رکي ٿي، جنهن جو پاڇو سندس ادبي اظهار ۾ پڻ جھلڪي ٿو. هوءَ موسيقيءَ سان ان حد تائين چاهه رکي ٿي جو پاڻ به ڳائيندي آهي ۽ ڪجھه ساز به وڄائي ڄاڻيندي آهي. هن 1998 ۾ ”هينگ يونيورسٽي آف آئووا“ ۾ انٽرنيشنل رائيٽنگ پروگرام ۾ داخلا ورتي ۽ ”يونسئي يونيورسٽيءَ“ ۾ ڪورين ادب پڙهيو ۽ ان ۾ بي. اي. جِي ڊگري حاصل ڪئي. اڳتي هلي ڪانگ، ”سيول انسٽيٽيوٽ آف دي آرٽس“ ۾ ”تخليقي تحرير“ (ڪريئيٽِو رائيٽنگ) پاڙهِي پڻ!

هان ڪانگ پنهنجي ادبي سفر جي شروعات 23 سالن جي ڄَمار ۾، 1993ع ۾ ڪوريئن رسالي ”مُنهاگوا ساهوئي“ (ترجمو: ”ادب ۽ سماج“) ۾ شاعري لکڻ ۽ ڇپجڻ سان ڪئي، جنهن ۾ سندس ڪيترائي نظمَ ڇپيا. هن نثر لکڻ جي شروعات 1993ع ۾ پنهنجي افسانن جي مجموعي ”دِي ڪانوَرسيشن“ (ترجمو: ”ڳالهه ٻولهه“) جي اشاعت سان ڪئي. جنهن کانپوءِ 1995ع ۾ سندس ڪورِيَن افسانن جو ٻيو مجموعو ”يُوسُوئي سلانگ“ (ترجمو: ”يُوسُوءَ جو پيار“) شايع ٿيو. ان کان سُتت پوءِ سندس هڪٻئي کانپوءِ ٻيا ڪيترائي فڪشن جا مجموعا (ناول، ناويلا توڙي ڪهاڻيون) مسلسل منظرِ عام تي اچڻ لڳا، جن منجھان ذڪر لائق 2002ع ۾ ڇپيل ناول ”گيوڊائي چاگئان سون“ (ترجمو: ”تنهنجا ٿڌا هٿَ“) آهي، جيڪو مصوريءَ ۾ هان ڪانگ جي دلچسپيءَ جي واضح طور نشاندهي ڪري ٿو. جنهن جي ڪهاڻي هڪ مجسمي ساز ۽ سندس تراشيل مجسمي جي چوڌاري ڦِري ٿي. جڏهن 2007ع ۾ سندس مضمونن جو ڪتاب ”ڪُوائٽلي سَنگ سانگس“ (خاموشيءَ سان جُھونگاريل گيتَ) شايع ٿيو، تڏهن هُن ان سان گڏ پنهنجي لکيلَ ڏهن گيتن تي مشتمل هڪ سِي. ڊي. پڻ جاري ڪئي، جنهن ۾ سندس آواز ۾ پڻ گيت ريڪارڊ ٿيل آهن، جيڪي ”هان جونگ رم“ نالي ڪوريين موسيقار ترتيب ڏنا آهن.

هان ڪانگ جو پهريون وڏو عالمي تعارف سندس ناول ”چائيسي گجُوئيجا“ (ترجمو: ”سبزي خور“) سان ٿيو، جيڪو ڪورين زبان ۾ 2007ع ۾ ڇپيو ۽ ان جو انگريزي ترجمو ”دِي ويجيٽيرين“ جي عنوان سان 2015ع ۾ شايع ٿيو. ٽن ڀاڱن ۾ لکيل هي ڪتاب، پنهنجي مرڪزي ڪردار ”يوئينگ هاءِ“ کي اهميت سان بيان ڪري ٿو. هين جي پهرين عالمي سڃاڻپ ٺاهيندڙ ۽ 2016ع ۾ بُوڪر پرائز ماڻيندڙ هي ناول، پڙهندڙ کي سوچ ويچار تي مجبور ڪندڙ هڪ حيرت انگيز ناول آهي، جنهن ۾ سڃاڻپ، اخلاقيات ۽ انساني ڪيفيتن سان سلهاڙيل موضوع شامل آهن. هان ڪانگ جو هي نظماڻو نثر، ڏکڻ ڪوريا جي ”يوئينگ هاءِ“ نالي ان عورت ڪردار جو هڪ دلڪش داستان بيان ڪري ٿو، جيڪا سبزي خور بڻجي، سماجي ريتن رسمن کي چيلينج ڪري ٿي ۽ پنهنجي سماج ۾ تبديليءَ جي شروعات ڪري ٿي ۽ کاڌي جي استعمال جي معيارن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي پُرتشدد نتيجن کي ڀوڳي ٿي. هن ناول کي ان جي نفسياتي گهرائي، سماجي اميدن جي وؤڙَ، خواب جهڙو شاعراڻو نثر، بي چينيءَ تي ٻڌل اندروني اظهار جو انداز ۽ فرد جي انفرادي سڃاڻپ توڙي خاندان ۽ سماجي مطابقت جهڙا موضوع پنهنجي همعصر ٻين ناولن کان منفرد بڻائن ٿا، جنهنڪري اهو ڪوريائي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ ته مقبول ٿيو ئي، پر انگريزي ترجمي کانپوءِ ان کي وسيع انداز ۾ عالمي سڃاڻپ ۽ مڃتا پڻ ملي.

هان ڪانگ جي ادبي اظهار کي اوڀر جي اڪثر ٻولين جي ادب جيان، ذهني توڙي جسماني طرح ڀوڳجندڙ درد جو ٻِٽو اظهار سمجھيو وڃي ٿو. کيس پنهنجي تحرير ۾، تاريخي صدمن ۽ ڏکن جي پوشيده المين جو اظهار ڪندڙ قلمڪار مَڃيو وڃي ٿو. سندس هر قلمي ڪارنامي ۾، انساني زندگيءَ جي نزاڪت سان ڀرپور رمزن جي اپٽار ملي ٿي. هوءَ جيئري توڙي مئل جسم توڙي روح جي لاڳاپن جو هڪ منفرد شعور رکي ٿي ۽ پنهنجي شاعراڻي ۽ تجرباتي انداز ۾ تخليق ڪيل همعصر نثر ۾ هڪ جدت پسند ليکڪ طور ڄاتي وڃي ٿي.

نوبل انعام کان اڳ هان ڪانگ کي سندس ساهتي ڪمن جي مڃتا ۾ ملندڙ اهم اعزازن ۾ ”ڪورين فِڪشن ايوارڊ“ (1999ع)، ”يِي سينگ ادبي ايوارڊ“ (2005ع)، ”انٽرنيشنل بُوڪر پرائز“ (2016ع) سندس ناول ”دي ويجيٽيرين“ جي مڃتا طور، ”پِرڪس ميڊڪس اِٽرينجر“ (2023ع)، ”هو ايم پرائز اِن آرٽس“ (2024ع) ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن.

نوبل پرائز ڪنهن به شعبي ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيت جو عالمي سطح تي نه رڳو نئين تعارف جو باعث هوندو آهي، بلڪه ان جِي اهميت پڻ هر حوالي سان وڌائي ڇڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو رُڳو گذريل 12 ڏينهن اندر، ادب جي انعام جي اعلان کانپوءِ هان ڪانگ جا ڏهن لکن کان مٿي ڪتابَ وڪرو ٿي چڪا آهن.

 

هان ڪانگ پنهنجي مختلف لکڻين ۽ انٽرويُوز ۾ ان ڳالهه جو اظهار ڪندي رهي آهي ته سندس پسنديده بين الاقوامي ليکڪن ۾ فرانز ڪافڪا، ورجينيا وُولف، جيمز جوئيس، فيودور دوستووسڪي، البرٽ ڪاموس، سيميوئل بيڪيٽ، ايمينيُئول ليوِينَس ۽ مارائيس بلينچوٽ، جڏهن ته ڪوريائي قلمڪارن ۾ ’پارڪ وين سُو‘ ۽ ’يِي سينگ‘ شامل آهن، جن جي لکڻين مختلف حوالن سان کيس متاثر ڪيو آهي.

هان ڪانگ اڄڪلهه ڏکڻ ڪوريا جي راڄڌانيءَ ’سِيول‘ ۾ رهي ٿي. هوءَ پنهنجي لکڻين توڙي عمل رستي سماجي انصاف توڙي انساني حقن جي ڀرپور حمايت جو سرِعام اظهار ڪندي رهي ٿي. سندس ناولَ دنيا جي 20 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن ۽ نوبل پرائز ماڻڻ کانپوءِ هاڻي پڪ سان اڃا وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندا. هن جو تحرير ۽ تخليق بابت اهو چوڻ آهي ته ”لکڻ خاموشيءَ کي منهن ڏيڻ جو هڪ ڪارگر طريقو آهي ۽ لکڻ ۾ سڀ کان اهم شئي پنهنجي اظهار جي صحيح ڍنگ جي ڳولا آهي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.