سوشل ميڊيا خراب ناهي پر ابلاغ جي نئين ۽ جديد ٽيڪنڪ آهي، پر هر نئين ايجاد وانگر سوشل ميڊيا پنھنجي شروعات کان ئي ڪوڙن جي هٿ چڙھي وئي آهي، جنهن سبب ان جي ساک پنھنجي شروعات کان ئي خراب کان خراب ٿيندي پئي وڃي.اولھھ جي دنيا شروع کان ئي نقادن ان کي ”گٽر ميڊيا“ سڏڻ شروع ڪري ڇڏيو ھو، پر منهنجي راءِ اڃا به اها آهي ته نئين ايجاد يا ڪنھن نئين شيءَ ۾ خرابي نھ ھوندي آھي.ان جي غلط استعمال ۾ خرابي آهي.
بدقسمتيءَ سان تضادستان جو سوشل ميڊيا شروع کان ئي ڪوڙ جي وبا جو شڪار آهي، جنهن جو پهريون تجربو ۽ ذڪر تڏهن محسوس ٿيو جڏهن مختلف سوچن ۽ جنگجو ادارن ۾ ڪم ڪندڙ سمورن وڏن صحافين جي لسٽ هڪ گمنام ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪئي وئي. هڪ مشهور تعميراتي ڪمپني جي ليٽر پيڊ تي ان لسٽ ۾ هر صحافي کي ڏنل لکين روپين ۽ انهن جي اڪائونٽس جا تفصيل ڏنل هئا. اڳوڻي صدر عارف علوي جي پٽ پنھنجي اڪائونٽ مان اھا فھرست ٽوئٽ ڪئي ھئي. ڪوڙن جي هن دنيا ۾ ڪنهن به ان تي تحقيق ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، هر ڪنهن ان تي فوري طور تي يقين ڪري ورتو .جيتوڻيڪ اھا گمنام ويب سائيٽ ٻئي ئي ڏينهن ختم ٿي وئي ھئي. علوي صاحب جي پٽ پنهنجي ٽوئٽ کي ڊس اون ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۽ ايف آءِ اي جاچ ڪري ان کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ تعميراتي ڪمپني کي طلب ڪري ورتو. جنھن بيان ڏنو ته سندن پيڊ چوري ڪري اها جعلي لسٽ ٺاهي وئي، جڏهن ڏنل اڪائونٽ نمبر چيڪ ڪيا ويا ته اهي مڪمل طور تي جعلي نڪتا. پر اهو تضادستاني مڃڻ لاءِ تيار نھ آھن.اھي چون ٿا تھ ان ۾ ڪجهھ نھ ڪجھھ ھوندو. ايف آءِ اي، سپريم ڪورٽ،بئنڪ، تعميراتي ڪمپني۽ صحافي سڀ ڪوڙا آهن. اصل ڳالهه اهي الزام آھن جيڪي ان جعلي ويب سائيٽ تي آيا ۽ وائرل ٿيا. ان واقعي کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر پوءِ به هر ٻن ٽن مهينن کانپوءِ ڪو نه ڪو نئون سوشل ميڊيا پليئر ٻيھر ان ئي لسٽ کي ٻيهر اپ لوڊ ڪري اهو ثابت ڪري ٿو ته هن ملڪ ۾ صحافت وڪامجي ٿي ۽ سڀ صحافي لفافا آھن.ھاڻي ڪير آھي جيڪو ان ڪوڙ جو تدارڪ ڪري، اسين تھ سڀ پروپئگنڊا ۽ ڪوڙ جا شڪار آهيون،مرچ مصالحا وجھندڙ. ڪنهن جي بي عزتي ٿئي ته اھا ڪهاڻي ڪيتري بھ ڪمزور ھجي پر اسان لاءِ سٺي آهي.
اها بيماري 2014 ۾ تضادستان ۾ وبا جي صورت اختيار ڪري وئي. ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ان وبا جي پٺڀرائي ڪئي. 300 جي لڳ ڀڳ حڪومتي نوجوان ان ڪم تي مقرر ڪيا ويا تھ سياستدانن، صحافين ۽ مشهور ماڻهن کي بدنام ڪرڻو آھي. اھا فضا شروع ڪئي وئي ۽ وبا پڻ ھمورا ھئي. پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ بھ مقبوليت وڃائي رھيون ھيون. اسٽيبلشمينٽ انهن پارٽين کي گندو ڪري تحريڪ انصاف کي آڻڻ پئي چاهيو ۽ ان جي راهه ۾ ايندڙ هر رنڊڪ کي ڊاھڻ ڦٽائڻ چاھيو پئي. تضادستاني زمين شڪ شڀي ۽ ڪوڙ جي لاءِ زرخيز ھئي. ان ڪري اسڪينڊل گاريون،الزام ۽ بھتان عام ٿيا تحقيق جي ھر شيءَ کي ثابت ٿيل قرار ڏيڻ جو رواج وڌو ويو.جڏھن ڪوڙ جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو ته هڪ نھ ھڪ ڏينهن ان کي فرانڪسٽائن وانگر پنهنجي ئي خالق کي کائڻو ھو،اھو ئي ٿيو، هاڻي ھي جن ڪوڙ کي مڪمل آرٽ بڻائي چڪو آھي.ان پنهنجي توپن جو رخ مقتدرا ۽ رياست جي هر اداري ۽ ھر شخصيت ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي. ته جيئن هر ڪنهن جو ڀرم ۽ عزت خاڪ ۾ ملي وڃي.جئين زخم کي کوٽڻ سان رت وھندي ڏسڻ ۽ ايذاءَ رسائي ڪري لذت جو احساس ٿيندو آھي،اھو ئي منفي احساس اڄ جي يوٽيوب وارن ۽ سوشل ميڊيا ۾ ڪارفرما آھي.انهن کي خبر آهي ته ڪوڙ جي رفتار به تيز آهي ۽ سچ ويچارو تھ ڪڇئون ھوندو آھي ۽ ڪوڙ (سيھڙ) سھي جيان اچي ۽ وڃي ٿو،وري غائب ٿي وڃي ٿو. جڏهن ڪڇئون پنهنجي منزل تي پهچندو آهي، ته ڪوڙو جو سيھڙ پنهنجو ڪم ڪري گم ٿي چڪو ھوندو آهي.
هڪ نجي ڪاليج وارو واقعو به ان وبا جو هڪ حصو آهي ڇو ته تضادستان ۾ اھو احساس نھ آھي تھ سچ جو ٿپڙ ڪوڙ جي چمي کان بھتر آھي. پر جيئن ته ڪوڙ جي چمي چڱي لڳندي آهي، تنهن ڪري توهان سئو دليل ڏيو. تھ ٻڌايو ته ڇوڪريءَ ڪير آهي؟ ڪٿي آهي ڪو ثبوت ؟ ڪا ايف آءِ آر، ڪو فوٽيج، ڪو اکين ڏٺو شاهد؟ تھ جواب ملندو تھ ڪجهه نھ ڪجهه تھ آھي!! ڪوڙ جا عادي تضادستاني ان وبا مان خوراڪ کائي رھيا آھن.پر ڪوڙ جا پير نھ ھوندا آھن. ڪوڙ جو خواب ٽٽي پوندو. ڇو ته مشهور چوڻي آهي ته ڪوڙ جي رفتار تيز هوندي آهي پر سچ هميشه ئي منزل تي پهچندو آهي.
اڄ جي دنيا جو وڏو مسئلو پروپيگنڊا، فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ بڻجي چڪو آهي. هونئن ته تاريخ ۾ ڪيترن ئي ٺڳن،ڪوڙن ۽ ڪيترن ئي وڳوڙين جو ذڪر ملي ٿو، پر جرمنيءَ جي جوزف گوئبلز کي پروپيگنڊا جي وزير جي حيثيت سان کيس ان خاص ميدان ۾ جيڪا مهارت هئي، ان جو ڪو مثال نٿو ملي. نازي جرمنيءَ ۾ رهندڙ هڪ آمريڪي صحافي وليم شرر رائخ ٽين جوي عروج ۽ زوال جي بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب لکيو.شرر لکي ٿو تھ پروپئگينڊا،ڪوڙ ۽ فيڪ نيوز جو اثر ايتري قدر وڌيڪ ھو جو نازي جرمني جا پڙھيل لکيل ماڻھن بھ انھن ڪوڙن کي سچ سمجھي ايمان جو حصو بڻائي ورتو ھو. ۽ جيڪڏھن انھن جي حقيقت تي ڪو سوال ڪيو ويندو ھو ته اتي جي ماڻهن کي ائين لڳندو ھو تھ ڄڻ ته ڪو توهين مذھب جو ڏوھي ٿي رهيو آهي.
نازي جرمني ۽ اڄوڪي تضادستان جو احوال بلڪل ساڳيو آهي، نازي جرمني ۽ گوئبلز جي ڪوڙن جو پردو تھ ان وقت ڦاٽو جڏهن جرمني جنگ هاراءِ جي ويو ۽ روسي فوجون برلن ۾ داخل ٿي ويون.گوئبلز بھ ھٽلر بعد پنھنجي خاندان سميت خودڪشي ڪري ڇڏي. گوئبلز جي ڊائري ۾ لکيل آهي ته هٽلر اڌ انسان ۽ اڌ ديوتا هو، گوئبلز ۽ اڄ جي سوشل ميڊيا جا ماڻھو پاڻ بھ ڪوڙ تخليق ڪند آھن ۽ پوءِ ان کي مڃڻ بھ لڳندا آهن، ڪوڙ جي عمر وڏي نھ ھوندي آھي تنھنڪري ھاڻي اھو عروج کان زوال ڏينھن سفر ڪري رھيو آھي،روز روز جا ڪوڙ غلط ثابت ٿي رھيا آھن. هڪ ڪوڙ غلط ثابت ٿئي ٿو تھ ٻيو گھڙيو وڃي ٿو.افسوس اھو آھي تھ نه ته فائر وال انھن ڪوڙن کي روڪڻ ۾ ڪامياب وئي آھي ۽ نھ ئي ملڪ جو قانون ان وڳوڙ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.برطانيا جي عدالتن تيز ٻڌڻيون ڪندي سوشل ميڊيا ذريعي افراتفري پکيڙڻ وارن کي سخت سزائون ڏئي مثال قائم ڪيو.تضادساتن ڇو ائين نٿو ڪري سگھي ؟ جيڪڏهن ڪوڙ جو اهو سلسلو جاري رهيو، تھ فيڪ نيوز پکڙندي رھي ۽ دشنام طراقي جاري رھي ته پوءِ هڪ ڏينهن ڪو وڏو حادثو ٿي سگھي ٿو. وقت اچي ويو آهي ته سنجيده سوچ رکندڙ طبقن ۽ سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ويهي ڪري ڪو اھڙو لائحھ عمل جوڙين جو سوشل ميڊيا جو اھو منفي ڪردار ختم ٿي سگھي. ياد رکو ته جيئن سوشل ميڊيا اڄ پنهنجي خالق يعني اسٽيبلشمينٽ کي ڳچي ۾ پئجي ويو آھي، ائين سڀاڻي تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جو وارو آهي، اڄ به سندس پارٽي جون پاليسيون سوشل ميڊيا جون يرغمال بڻيل آهي، ڪنھن ليڊر جي عروج و زوال ڪارڪردگيءَ تي نھ پر سوشل ميڊيا ۾ ان جي ساک تي آھي. پر ياد رکو ته ڪوڙ جا پير ناهن هوندا ڪوڙ جي عمارت هڪ ڏينهن ڊهي پوندي.