ڪوڙ جا ڪارخانا

تحرير: عاجز جمالي

ھٽلر جي ڪابينا جو اھم وزير گوئبلز ھئو، جيڪو ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جو ماھر ھئو، سندس دور ۾ نازي جرمني جي حق ۾ ھر ڪوڙ کي سچ جي شڪل ڏيڻ لاءِ ورجايو ويندو ھئو ، گوئبلز جو اھو قول به مشھور آھي ته ڪوڙ کي ايترو ته ڦھلايو جو ماڻھو ان کي سچ سمجھڻ، ھٽلر جي ڪابينا ھن اھم وزير به پنھنجي استاد ھٽلر وانگر آپگھات ڪيو ھئو  پر ھو ڪوڙ جا اھڙا گھرا نشان ڇڏي ويو جو اڄ به کيس ياد ڪرڻو پوي ٿو.

اسان جي سماج ۾ عام طور تي ڪوڙ جو عمل دخل گھڻو آھي پر سوشل ميڊيا تي تمام گھڻو ڪوڙ ڦھلايو وڃي پيو. اوھان ڪنھن به حقيقي عوامي مسئلي ڏانھن نشاندهي ڪرايو ته ان کي گھٽ پذيرائي ملندي پر اوھان سوشل ميڊيا تي ڪو ٺڪاءُ ڇڏيو، ڪا لٻاڙ ھڻو ، ڪنھن ڊاڙ تي آسرو ڪريو ، ڪا ڦني خاني ڪريو ته واھ واھ ٿي ويندي، ھزارين ماڻھو ان کي اڳتي وڌائيندا ويندا ،نيٺ ان ٺڪاءُ تي عوامي راءِ عامه  جڙڻ لڳندي عوام ان جي پٺيان لڳڻ شروع ڪندو، ان ڪري ھاڻي سوشل ميڊيا تي ڊپ ٿو ٿئي.

اھڙا ڪيترائي مسئلا جيڪي ختم ٿي چڪا ھوندا آھن پر سالن تائين اھي، مسئلا سوشل ميڊيا تي گردش پيا ڪندا آھن. ڪجهه عرصو اڳ ھڪ پوسٽ ڏٺي جنھن ھڪ گم ٿيل ٻار جي والدين جي ڳولا لاءِ لکيل ھئو ، اھو به لکيل ھئو ته انسانيت جي ناتي، ھن پوسٽ کي اڳتي وڌايو ،سو مون به شيئر ڪري ڇڏيو .

ان ڏينھن مون کي ان باڪس ۾ ھڪ پيغام مليو ته سائين اھو ٻار ٻه سال اڳ گم ٿيو ھئو تڏھن ئي وارثن تائين پھچي ويو ھئو ، مون کڻي شرم وچان ڄاڻايل پنھنجي پوسٽ ھٽائي  ڇڏي. ڪجهه ڏينھن اڳ مانجھند ڀرسان ڪجهه اٺ ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا ھئا، انساني حقن جي علمبردار امداد چانڊيو لکيو ته ھن ان ئي ڏينھن علائقي جي سڄاڻ ۽ سياسي اڳواڻ حيدر ملاح سان رابطو ڪيو ھئو جنھن مقامي ماڻھن جي مدد سان اھي، اٺ اتان ڪڍرائي ڇڏيا ھئا. پر سوشل ميڊيا تي روز ڏسان پيو ته ڄاڻايل اٺن کي ٻاھر ڪڍڻ بابت پوسٽ گردش ڪري رھي آھي.

سو ڏٺو وڃي ته سوشل ميڊيا تي ڪوڙ جا ڪارخانا ھلي رھيا آھن ،جن جو ٿلھي ليکي سماج تي ناڪاري اثر پئجي رھيو آھي ،سوشل ميڊيا تي ھاڪاري بحث کي گھٽ اھميت ملندي آھي پر اڄ به ڄڻ گوئبلز کي وڌيڪ اھميت ملي پئي ، وقت جي گوئبلز کان بچڻ جو رستو ڪھڙو آھي شايد ڪو به نه.

اسان جي سماج ۾ عام طور تي ڪوڙ جو عمل دخل گھڻو آھي پر سوشل ميڊيا تي تمام گھڻو ڪوڙ ڦھلايو وڃي پيو. اوھان ڪنھن به حقيقي عوامي مسئلي ڏانھن نشاندهي ڪرايو ته ان کي گھٽ پذيرائي ملندي پر اوھان سوشل ميڊيا تي ڪو ٺڪاءُ ڇڏيو، ڪا لٻاڙ ھڻو ، ڪنھن ڊاڙ تي آسرو ڪريو ، ڪا ڦني خاني ڪريو ته واھ واھ ٿي ويندي، ھزارين ماڻھو ان کي اڳتي وڌائيندا ويندا ،نيٺ ان ٺڪاءُ تي عوامي راءِ عامه  جڙڻ لڳندي عوام ان جي پٺيان لڳڻ شروع ڪندو، ان ڪري ھاڻي سوشل ميڊيا تي ڊپ ٿو ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.