ملڪ اندر قائم جمهوري حڪومت گذريل ڏيڍ مهيني کان هڪ ترميم کي پاس ڪرائڻ واري معاملي ۾اٽڪي پئي آهي جنهن لاءِ ائين چئجي ته سياسي گهڙيال جي سُئي هڪ جاءِ تي بيٺل آهي جيڪا نه اڳتي وڌي ٿي نه پوئتي ٿئي ٿي.
ان 26هين آئيني ترميم جو مسودو تياري جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي پاس ٿيڻ کان رهجي ويو آهي، انهي ترميمن جا تفصيل به سامهون اچي ويا آهن،جن ۾ ججن مقرري جي آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي،ان کان علاوه ان ترميم ۾ اهو به واضع ڪيو ويو آهي ته جوڊيشل ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي سگهندي،سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جي طريقيڪار ۾ به تبديلي ڪئي ويندي، سپريم ڪورٽ ججز مقرري ڪاميٽي ۾ 4 پارليامينٽ ميمبرز شامل هوندا ۽ حڪومت ۽ اپوزيشن جا 2-2 ميمبرز هوندا، هڪ سينيٽر ۽ هڪ ايم اين اي جو نالو وزيراعظم تجويز ڪندو، ٻه نالا اپوزيشن ليڊر ڏيندو، 12 رڪني پارلياماني ڪاميٽي چيف جسٽس جي مقرري ڪندي، سينئر ترين جج بدران 3 سينيئر ترين ججز مان هڪ کي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويندو،هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري جو طريقيڪار به تبديل ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ مقرري عمل ۾ سينئر وڪيل، وفاقي وزير شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جن کي وزيراعظم نامزد ڪندو، آرٽيڪل 184 ۾ ترميم تحت سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس وارو اختيار ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
آرٽيڪل 179 ۾ تجويز تحت چيف جسٽس پاڪستان جو مدو 3 سال هوندو ۽ 60سال جي عمر ۾ چيف جسٽس ٿيڻ تي 3سالن بعد عهدي تان رٽائر ٿيڻو پوندو، آئين ۾ نئون آرٽيڪل 191 اي شامل ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، جنهن تحت سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، 26هين آئيني ترميم جي مسودي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 يا 9 رڪني آئيني بينچ جي قيام، صوبن ۾ آئيني بينچ نه جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، آئيني بينچ جي جوڙجڪ جوڊيشل ڪميشن ڪندي، آئيني بينچ جو سربراهه جوڊيشل ڪميشن مقرر ڪندي جڏهن ته بينچ ۾ ردوبدل جو اختيار چيف جسٽس سپريم ڪورٽ وٽ نه هوندو، آئيني بينچ جي مقرري جو مدو هوندو، آئيني بينچ ۾ سمورن صوبن مان برابر ججز مقرر ڪيا ويندا، آئيني ڪيس آئيني بينچ ڏانهن منتقل ٿي ويندا،چيف جسٽس جي مقرري ٽن سينيئر ترين ججز مان ٿيندي، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جو طريقيڪار به تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ اتفاق نه ٿيو ته پارلياماني ڪاميٽي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪندي، 18هين آئيني ترميم مڪمل بحال ۽ 19هين ترميم ختم مڪمل ختم ڪرڻ جي تجويز به مسودي ۾ شامل آهي، آرٽيڪل 63 اي ۾ ترميم تحت باغي ميمبر جو ووٽ ڳڻيو ويندو،فلور ڪراسنگ تي نااهلي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پارٽي سربراهه کي ڪارروائي جو اختيار هوندو، آرٽيڪل 48 ۾ ترميم به تجويز ڪئي وئي، مسودي موجب وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جي صدر کي اماڻيل سفارش کي چيلنج نه ڪري سگهبو، ڪنهن اداري، عدالت يا اٿارٽي کي صدر کي اماڻيل سفارش جي جاچ يا ڪارروائي جو اختيار نه هوندو. آرٽيڪل 111 ۾ ترميم تجويز ڪئي آهي جنهن تحت اي جي سان گڏ ايڊوائزر به قانوني معاملن تي صوبائي اسيمبلي ۾ ڳالهائي سگهندو.
آرٽيڪل 199 ۾ تجويز ڪيل ترميم تحت عدليه استدعا کان وڌيڪ ڪنهن آئيني معاملي تي حڪم يا تشريح نه ڪري سگهندي.هي سڀ تجويزون هاڻي سڀني سياسي پارٽين آڏو ظاهر ٿيون آهن جنهن بعد ڪافي ووٽ ڪندڙ پاسيرا ٿيندي نظر اچن ٿا.هي ترميمون تڏهن ڪارآمد آهن جڏهن پاس ٿي وينديون بحرحال هي اڃا لٽڪيل آهن.ان کان علاوه اهو به پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي آئيني عدالت واري تجويز تان دستبردار ٿي ويون آهن جنهن جو مسودو شايد ڪالهھ سينيٽ ۾ پيش به ٿيو هو ۽ خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو، تحريڪ انصاف پنهنجو مسودو پيش نه ڪيو هو جڏهن ته جي يو آءِ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي کي آئيني عدالت وارو مسودو واپس وٺڻ جي تجويز ڏني هئي،جنهن تي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي آئيني عدالت جو مسودو واپس وٺڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي،ان اجلاس دوران حڪومت پاران آئيني ترميمن جو مسودو پيش ڪيو ويو هو.پر ان ۾ حڪومتي مسودي ۾ آئيني عدالت جو ذڪر ناهي، آئيني بئنچ جوڙڻ تي پي ٽي آءِ سوڌو ڪنهن به پارٽي کي اعتراض ناهي.
ڏٺو وڃي ته حڪومت آئيني عدالت جي موقف تان پوئتي هٽي وئي آهي، انهي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي وئي ته آئيني عدالت بدران آئيني بينچ جوڙڻ ويندي، پارلياماني جماعتن پاران سمورن مسودن کي گڏ ڪرڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي مسودي موجب پارلياماني ڪميٽي ٽن ججز جا نالا چيف جسٽس لاءِ تجويز ڪندي، جي يو آءِ چيف جسٽس جي مقرري واري معاملي تي اعتراض واري ڇڏيا،جن موجب جي يو آءِ موقف رکيو آهي ته هينئر سينيارٽي بُنياد تي ئي چيف جسٽس جي مقرري ڪئي وڃي، اُن کانپوءِ ٽن ججز واري ڳالهه ڪئي وڃي.پ پ پ سميت آئيني بينچ قائم ڪرڻ تي پي ٽي آءِ سان گڏ سموريون ڌريون متفق آهن مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪا به وڏي رنڊڪ نظر نه ٿي اچي، خصوصي ڪميٽي جو اجلاس به ٻه ڏينهن اڳ ۾ ٿيو هو جنهن ۾ مسودو مڪمل ڪيو ويو ان اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شيري رحمان اهو چيو هو ته پيپلزپارٽي، جي يو آءِ ۽ نون ليگ ۾ ترميمن واري مسودي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ٻن ڏينهن اندر معاملي تي مڪمل اتفاق راءِ ٿي ويندو، ٻئي طرف حڪومت پاران آئيني ترميمن جو مسودو سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نواز ليگ وارن به چيو هو ته آئيني ترميمون اڄ سينيٽ ۾ پيش ڪيون وينديون.
پر پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ آئيني ترميمن تي حتمي فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، پر پي ٽي آءِ به ڪجهه ترميمن تي اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي جڏهن ته باقي معاملن تي اڃا تائين اتفاق راءِ ٿيڻ ۽ معاملا فائنل ٿيڻ جو امڪان ظاهر نه ڪيو ويو آهي. مخالف ڌر توڙي ٻيون سياسي ڌريون حڪومت تي پارليامينٽ ميمبرن کي هراسان ڪرڻ ۽ خريد ڪرڻ جي ڪوششن جو الزام هڻندي اهو چيو آهي ته اهو سلسلو برقرار رهيو ته ڳالهيون اڳتي وڌي نه سگهنديون.ڪالهھ سينيٽ ۾ جي يو آءِ جي مولانا عبدالغفور حيدري تقرير ۾ اهو چيو هو ته اسان جون ٻوٽيون ڪري ڇڏيو ته به ان ترميمي بل لاءِ ووٽ نه ڪنداسين.مخالف ڌر جي اهم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان ان حوالي سان ملاقاتون جاري آهن مولانا به اهو چيو آهي ته قبوليت جوڳيون شيون پي ٽي آءِ قبول ڪيون آهن، ڪجهه ترميمن تي ڳالهيون ٿي رهيو آهن جنهن ۾ حتمي نتيجي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسون. هن تجويز ڏني ته پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي ۾ نمائندگي وڌائي وڃي، پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار جا نمائندا به شامل ڪيا وڃن انهن کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون. ڪميٽي ۾ سمورين پارٽين جي مسودن تي صلاح ڪئي وڃي. هن چيو ته اسان جي مفاهمت جي رويي کي حڪومت درست نه پئي وٺي، هڪ طرف ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
حڪومت جي لاءِ هي ترميم وڏي چيلينج بڻجي وئي آهي سڀ ڌريون ان کي پاس ڪرائڻ جا جتن ڪري رهيون آهن پر معاملو حل ٿيڻ جو پري تائين نالو ئي ناهي انڪري حڪومت کي جلد ان مٿي جي سور ترميم کي حل ڪري ڪجھه عوام جا مسئلا به حل ڪرڻ گهرجن ته جيئن ملڪ ۾ حڪومت جي هجڻ تي ڪجهھ عوام کي يقين ٿي پوي.