جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان ۽ شيخ رشيد تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) حملي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف باني عمران خان ۽ شيخ رشيد سميت ٻين جوابدارن تي ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج امجد علي شاهه 9 مئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، شيخ رشيد، صداقت عباسي، راجا بشارت ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، پوليس ڪيس جو چالان پيش ڪيو.
شيخ رشيد سميت ٻين جوابدارن ۾ چالان جون ڪاپيون ورهايون ويون.
پي ٽي آءِ باني ۽ شيخ رشيد تي ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ جو امڪان آهي.
عدالت جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جي ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.