اسلام آباد( بيورو رپورٽ/م ڊ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي ٻارن بابت سموريون پاليسيون، پيڪيج ۽ ڪوٽا غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيا آهن، 11 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس نعيم اختر افغان لکيو . سپريم ڪورٽ جنرل پوسٽ آفيس (جي پي او) جي اپيل منظور ڪندي سرڪاري ملازمن جي ٻارن بابت سمورين پاليسين، پيڪيجز ۽ ڪوٽا کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلي ۾ وزيراعظم جي ملازمتن لاءِ ڪوٽا بابت پيڪيج ۽ سنڌ سول سرونٽ رولز 1974 جي سيڪشن 11 اي کي به ڪالعدم قرار ڏنو ويو. لکت واري فيصلي ۾ بيوه يا ٻار جي سرڪاري ملازمت ۾ بغير اشتهار يا اوپن ميرٽ جي ڪوٽا کي آئين جي آرٽيڪل 3، آرٽيڪل 4، آرٽيڪل 5، شق 2، آرٽيڪل 25 ۽ آرٽيڪل 27 سان ٽڪراءُ قرار ڏنو ويو. سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت سميت سمورن صوبائي حڪومتن کي سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي بنا اشتهار يا اوپن ميرٽ کان سواءِ نوڪريون ڏيڻ واري پاليسي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ وفاق سميت سمورن صوبائي حڪومتن کي نوڪريون ڏيڻ واري پاليسي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي فيصلو سرڪاري ملازمن جي ٻارن جي اڳ ۾ مليل ڪوٽا تي لاڳو نه ٿيندو. دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيلن جي قانوني وارثن تي عدالتي فيصلو لاڳو نه ٿيندو. وزيراعظم وٽ ڪو به اختيار ناهي ته ڪوٽا جي ضابطن ۾ نرمي ڪري.