اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏئي: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي وضاحت کانپوءِ اليڪشن ڪميشن فوري طور پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏئي. بئريسٽر گوهر مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي وضاحت تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي خوش آهيون، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي وضاحت سان آئين جي بالادستي ٿيندي. بئريسٽر گوهر چيو ته سپريم ڪورٽ جي وضاحت کانپوءِ پي ٽي آءِ کي هاڻي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، جلد ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين. مولانا سان ملاقات ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو آهي، ڪميٽي ان ئي مسودي جي منظوري ڏني جنهن تي مولانا سان اتفاق ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.