حيدرآباد(رپورٽر) ناميارو وڪيل ايڊووڪيٽ ستار سرڪي پٽ ۽ ڀائٽي سميت سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن هٿان گرفتاري بعد گم ٿي ويو، وڪيلن جي سخت ردعمل کانپوءِ پوليس ستار سرڪي، سندس پٽ ۽ ڀائٽي کي سڄي رات گم رکڻ کانپوءِ واپس سندن گهر ڇڏي رواني ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته نسيم نگر ٿاڻي جي حد عبدالله شاپنگ مال سامهون ايڊووڪيٽ ستار سرڪي جي گهر تي گذريل رات دير سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن چڙهائي ڪئي، جنهن دوران اهلڪار ستار سرڪي کي سندس پٽ ايڊووڪيٽ ساجد سرڪي ۽ ڀائٽي عرفار سرڪي سميت گرفتار ڪري کڻي ويا ۽ سڄي رات کين تحويل ۾ رکڻ بعد ڪالهه صبح جو ساڍي 11 وڳي واپس گهر پهچايو ويو. ان سلسلي ۾ ايڊووڪيٽ ستار سرڪي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل رات 11 وڳي ڌاري ٽن گاڏين ۾ سوار سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ مون کي پٽ ايڊووڪيٽ ساجد سرڪي ۽ ڀائٽي عرفان سرڪي سميت اغوا ڪري کڻي ويا، سڄي رات اسان کي گاڏين ۾ گهمائيندا رهيا، ڄامشورو ۽ مٽياري کان ويندي حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقن ۾ اسان کي گاڏين ۾ گهمايو ويو ۽ اهلڪار اسان کي ڊيڄارڻ جي لاءِ پاڻ ۾ اهي ڳالهيون ڪندا رهيا ته ڪٿي هنن جو مقابلو ڄاڻائڻو آهي. اهلڪارن مون کي ڌڪ به هنيا. هن چيو ته نيو حيدرآباد سٽي لڳ جهنگ ۾ ڪجهه دير رکڻ کانپوءِ اسان کي سي آءِ اي سينٽر حيدرآباد آندو ويو، ان دوران منهنجي گرفتاري بعد گمشدگي جي خبر سوشل ميڊيا تي هلي وئي، وڪيل دوستن ان تي سخت ردعمل ڏنو، پوليس تي دٻاءُ وڌيو ته اسان کي سي آءِ اي سينٽر آندو ويو، جتان اسان کي گاڏي ۾ ويهاري واپس گهر پهچايو ويو. هن چيو ته عبدالله شاپنگ مال سامهون منهنجو گهر ۽ آفيس آهي ۽ مين باءِ پاس روڊ تي منهنجي نالي جو بورڊ پڻ لڳل آهي، ان بورڊ جي سامهون پيپلزپارٽي جا ماڻهو جلسي جو وڏو پينا فليڪس هڻي هليا ويا هئا، جيڪو منهنجي پٽ ساجد سرڪي لاٿو، جنهن جي وڊيو پيپلزپارٽي جي ماڻهن ڀري هئي، ان کانپوءِ هي رات جو ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، پر آئون سمجهان ٿو ته اهو هڪ بهانو آهي، مون تي اصل ڪاوڙ بار جي چونڊن ۾ گهرو وزير ضياءَ لنجار جي گروپ جي ماڻهن جي سامهون بيهڻ جي ڪري آهي، ڇو ته سڄي سنڌ ۾ ضياءَ لنجار جي گروپ جي ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ مشڪلاتون حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ ٿينديون آهن. هن چيو ته منهنجي گرفتاري ۽ گمشدگي خلاف وڪيلن اڄ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ بار ڪائونسل به احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. هن اعلان ڪيو ته اسان هاءِ ڪورٽ ۾ ملوث اهلڪارن سميت انهن سڀني ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي لاءِ پٽيشن داخل ڪنداسين جن مونکي گرفتار ڪري گم ڪرڻ جو پوليس کي حڪم ڏنو, اڄ پريس ڪانفرنس ڪري حقيقتون سامهون رکندس. گهر ڪئي ته واقعي جي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي جيڪا جاچ ڪري ته مونکي ڪنهن گرفتار ڪري گم ڪيو ۽ ڪهڙي ڏوهه ۾ اها ڪارروائي ڪئي وئي. هن الزام هنيو ته منهنجي گرفتاري ۽ گمشدگي جي پٺيان صوبائي وزير ڄام خان شورو سميت ٻين پ پ اڳواڻن جو هٿ آهي.