پ پ وارا چولستان ڪئنال جي مخالفت جو ڊرامو پيا ڪن:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نور احمد ڪاتيار ۽ عمره سمون پنهنجي گڏيل بيان ۾  چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن طرفان چولستان ڪينال ۽ ارسا ايڪٽ ترميم جي مخالفت ڪرڻ ڊرامو ۽ سنڌي عوام کي گمراهه ڪرڻ آهي. پيپلز پارٽي جي حڪمرانن هر دور ۾ ڪرسي خاطر سنڌو درياهه جو سودو ڪيو آهي. هن وقت به صدارتي هائوس ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جو ذميوار آهي. ملڪ جي صدارتي هائوس ۾ سنڌ صوبي خلاف سازشون ڪيون ويون آهن. پيپلز پارٽي جي حڪمرانن جو سنڌ دشمن چهرو سڄي دنيا اڳيان وائکو ٿي چڪو آهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن ۾ ايتري به جرئت ناهي جو هو ديامير ڊيم لاءِ گڏ ٿيل فنڊ ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي سامونڊي علائقن جي متاثر ماڻهن تي خرچ ڪرڻ جو مطالبو ڪن. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب لکين ايڪڙ آباد زمينون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. هنن چيو ته ساجن ملوڪاڻي جو قتل عدالت کان مٿانهون قتل ۽ سراسر انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.