انگ اکر مڪمل آهن، آئيني ترميم جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي:واوڊا

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  سينيئر سياسي اڳواڻ سينيٽر فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته آئيني ترميم جلد پارليامينٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي، انگ اکر مڪمل آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئيني ترميم لاءِ انگ اکر مڪمل آهن، آئيني ترميم جي منظوري ۾ ڪو مسئلو ناهي، صورتحال واضح آهي، ترميم جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. هن دعويٰ ڪئي ته 26هين آئيني ترميم آساني سان منظور ٿي ويندي. اسان سپريم ڪورٽ جي وضاحت جو دل سان احترام ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.