لکي غلام شاهه ويجهو ٻن ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي جي ٺاهه لاءِ ميڙ منٿ قافلو

لکي غلام شاهه (ن ع آ ) چڪ لڳ سکر جي ڪنڌرا واري علائقي ۾هلندڙ جتوئي جاگيراڻي تڪرار جي خاتمي لاءِ لکي غلام شاهه جي صحافين سماجي سيد چڱن مڙسن جو وفد سماجي اڳواڻ ميڊم حنا لاڙڪ انور علي مهر سيد امداد علي شاهه صحافي ولي ڀيو عبدالرزاق بروهي پپن جاگيراڻي وڏيرو الله ڏنو چاچڙ جي وزير علي مهر عزيز الله سومرو محمد ابراهيم سيٺار غلام علي مهر زاهد چاچڙ فقير محمد اسماعيل سيٺار ۽ ٻين ڪنڌڪوٽ ويجهو دڙي سندراڻي پهچي جاگيراڻي برادري جي چيف سردار پ پ ايم پي اي مير عابد حسين سندراڻي سان ملاقات ڪري ڌرين وچ هلندڙ خوني تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ ڪئي سردار مير عابد حسين سندراڻي پاران ٻن ڏينهن ۾ جاگيراڻي ڌر جي چڱن مڙسن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو هن وڌيڪ چيو ته جتوئي سردار ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي رابطي ۾ آهي جلد ڳالهيون ڪري تڪرار کي ختم ڪيو ويندو مليل ڄاڻ موجب چڪ لڳ ۽ ڪنڌرا واري علائقي ۾ ڌرين جا 10 کان وڌيڪ خون ٿيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.