ڪراچي ( نمائندن وٽان ) تجويز ڪيل آئيني ترميم خلاف پي ٽي آءِ جو ملڪ گير احتجاج، 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو ، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي تجويز ڪيل آئيني ترميم، عمران خان جي آزادي ۽ جيل ۾ مبينا ناروا سلوڪ خلاف احتجاج مظاهرا ڪيا ويا ، پوليس 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال پڻ ڪيو ويو.پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي هدايتن تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج مظاهرا ڪيا ويا. ڪراچي، لاهور، پشاور، فيصل آباد سميت مختلف شهرن ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ڪراچي جي صدر واري علائقي ريگل چوڪ ۽ ايمپريس مارڪيٽ تي احتجاج ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي پوليس حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو . پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن تي لاٺي چارج پڻ ڪيو، پوليس موجب شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي، جنهن تحت جلسن ۽ جلوسن تي پابندي آهي.