اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ئيني ترميم جي منظوري لاءِ گهربل انگ اکر ملڻ لاءِ جميعت علماءِ اسلام (ف) جي چيئرمين هائوس پهتو ۽ مختصر مدي جو اهم اجلاس ڪرڻ بعد روانو ٿي ويو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ وفد کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف بغير ڪنهن پروٽوڪول جي رات دير سان مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قانون وارو وزيراعظم نذير تارڙ به ساڻس گڏ هئا. ذريعن موجب بلاول ڀٽو پي ٽي آءِ جي وفد سان ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو وفد هتي آهي ته هو هاڻي ساڻن ملڻ چاهي ٿو. ذريعن موجب پي ٽي آءِ وفد پ پ اڳواڻ سان گڏيل ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري فضل الرحمان کي آئيني عدالت لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو جي واپس وڃڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ وفد ٻيهر ملاقات شروع ڪئي. پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آئيني ترميمن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، پنهنجي سياسي طاقت ذريعي ترميمون منظور ڪرائي سگهون ٿا ۽ منظور ڪرائي ڏيکارينداسين. پ پ جي پارلياماني اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان اهي واعدا پورا ڪري رهيا آهيون، جيڪي اڄ تائين پورا ناهن ٿيا، اسان آئيني ترميمن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، مسودو تقريبن حتمي ٿي چڪو آهي، جنهن کي ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ جي جڊيشل سڌارن بابت تجويزن تي تيار ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي سياسي طاقت ذريعي ترميمون منظور ڪرائي سگهون ٿا ۽ منظور ڪرائي ڏيکارينداسين.