حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جو اجلاس قومپرست هائوس تي پارٽي جي وائيس چيئرمين دودوديشي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. اڳواڻن سبحان جتوئي، شيبرجمالي، سيد عنايت شاھ، آصف سولنگي، سيف سرگاڻي جي شرڪت، اجلاس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون زمينون ڏيڻ، سنڌو درياهه مان 6 ڪينال ڪڍڻ پنجاب پوليس پاران شاگردن جي قتل خلاف جيئي سنڌ قومپرست پارٽي طرفان سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ پهريون پيادل مارچ 7نومبر 2024ع تي باڊھ کان اريجا ۽ جهوڪ شريف کان ٽنڊومحمد خان تائين ڪيو ويندو ۽ سڄي سنڌ ۾ مارچ ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ وڏي عوامي طاقت سان سوين ماڻهو وٺي مارچ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ شهيد ساجن ملوڪاڻي سميت ٽن قومي ڪارڪنن کي پنجاب پوليس طرفان شهيد ڪرڻ وارن واقعي کي رياستي دهشتگردي قرار ڏنو ويو.