غزا ( م ڊ ) غزا فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس اسرائيلي حملي ۾ يحيٰ سنوار جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. عرب ميڊيا موجب بيروت مان جاري ڪيل بيان ۾ غزه ۾ حماس جي نائب سربراهه خليل الحيا ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته يحيٰ سنوار بهادري سان اسرائيلي فورسز سان وڙهندي مارجي ويو آهي. خليل الحيا چيو ته يحيٰ سنور جي شهادت سان فلسطيني مزاحمتي تحريڪ ۾ وڌيڪ جوش پيدا ٿيو آهي، يحيٰ سنوار جي شهادت غاصب اسرائيل لاءِ تباهي جو پيغام هوندي. غزا ۾ حماس جي نائب سربراهه وڌيڪ چيو ته يحيٰ سنوار شهادت جو عظيم مقام حاصل ڪيو، هو آخري دم تائين قابض فوج جي سامهون بيٺو رهيو ۽ دشمن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، هن قوم لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته يحيٰ سنوار جيل ۾ به دشمن کي شڪست ڏني ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي جدوجهد جاري رکي، ايتري قدر جو هو شهادت جو بلند درجو حاصل ڪيو. ياد رهي ته ڪالهه اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي ته هنن غزا ۾ هڪ عمارت کي نشانو بڻايو آهي جتي حماس جو سربراهه يحيٰ سنوار به موجود هو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو به يحيٰ سنوار جي موت جي تصديق ڪندي غزا ۾ جنگ بندي جو اعلان ڪيو آهي.هوڏانهن آمريڪي صدر جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي فون ڪري حماس سربراهه جي شهادت تي مبارڪون ڏنيون آهن.