پارليامينٽ ميمبر ۽ سندن وارث کنڀڻ سان آئيني ترميم وڌيڪ تڪراري؟

اسلام آباد(انصار عباسي+عمر چيما) آئيني ترميم ٽائمنگ جي حوالي  سان اڳ ۾ تڪراري بڻجي چڪي آهي ان صورتحال  ۾ عورت سينيٽرن سميت سينيٽ  ميمبرن،قومي اسيمبلي ميمبرن کي هراسان ڪرڻ،سندن مٽ مائٽ کنڀڻ تي جيڪو گوڙ ٿيو ان ۾ حڪومت پاران مڪمل خاموشي اختيار ڪئي وئي،سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ جيڪي تقريرون ٿيون انهن تي حڪومت ڪا به ترديد نه ڪئي، آئيني ترميم ۾ ڪجهه شيون تمام سٺيون به آهن، پر جيڪو ڪجهه پارليامينٽ ميمبرن سان ٿيو اهو مذمت جوڳو آهي،هاڻي ترميم معاملي تي حڪومت کي فل اسٽاپ لڳائڻ گهرجي هاڻي جيڪڏهن آئيني ترميم منظور ٿي به وڃي تڏهن به ان سان پاڪستان جي بهتري نٿي ٿي سگهي،گذريل ڏينهن مولانا فضل الرحمان تمام گهڻو ڪاوڙيل نظر آيو،شاهه محمود قريشي جي ننهن کي گم ڪيو ويو، سينيٽر نسيمه احسان پاڻ سان ٿيل ورتاءُ تي سينيٽ ۾ روئي ڏنو، ان صورت ۾ ڪنهن به قسم جي آئيني ترميم جي حيثيت ڪجهه به نه رهندي،فضل الرحمان توهان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار هو پر ان جي پارٽي ميمبرن کي هراسان ڪيو ويو،اهو معاملو سياسي نموني حل ٿيڻ گهرجي ها پر ”چوڌري رياست“ جي ”جوانن“ جي پنجه آزمائي شرم جو مقام آهي،سياسي قيادت کي به پنهنجي نااهلي تي سوچڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.