اسلام آباد(حماد حسن)جي يو آءِ جا پارليامينٽ ميمبر منحرف ٿي ويا، خبر موجب مولانا جي پارٽي جا ٻه سينيٽر ۽ ٽي ايم اين ايز پارٽي کان باغي ٿي ويا آهن،اهي به اطلاع آهن ته وڌيڪ ٻه ميمبر منحرف ٿي سگهن ٿا، آئيني ترميم تي اتفاق ٿي ويو ته پوءِ صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي،11 صفحن تي مشتمل ڊرافٽ آهي،جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي 8 ججن ٻيهر وضاحتي فيصلو ڏنو آهي،اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ آيو جڏهن اهو امڪان ظاهر ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت فيصلو حڪومت جي حق ۾ ڏئي سگهي ٿي،ذريعن موجب ٻن جي يو آءِ ميمبرن جي مولانا فضل الرحمان سان فون تي به تلخي ٿي آهي،هڪ ميمبر ته کيس اهو به چئي ڏنو ته اسان رڍ ٻڪريون ته ناهيون جو توهان اسان کي پي ٽي آءِ جهڙي جماعت سان گڏ ويهاري ڇڏيو.