عطا تارڙ جي تقرير دوران سينيٽ ۾ گوڙ،احتجاج

اسلام آباد(م ڊ)سينيٽ جي اجلاس ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي تقرير دوران ميمبرن اٿي بيهي احتجاج ڪيو ،عطا تارڙ  چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن ۾ امن امان جا معاملا صوبائي حڪومتن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن پوءِ به  وفاقي حڪومت دهشتگردي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت صوبائي حڪومتن کي هڪ فورم تي گڏ ڪيو،عطاءُ تارڙ چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ڪامياب ٿيو ۽ دهشتگردي ختم ٿي وئي پر پوءِ ڪجهه ماڻهن سٺن طالبان ۽ خراب طالبان جو بحث شروع ڪيو ۽ کين واپس آندو ويو ۽ اڄ وري لاش کڻي رهيا آهيون. دهشت گرد بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حملا ڪري رهيا آهن،هن چيو ته  علي امين گنڊاپور رڳو سياست پيو ڪري، خيبرپختونخواهه ۾ سي ٽي ڊي ڪير قائم ڪندو؟ لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ ڇو ڪامياب ٿيا؟ سي ٽي ڊي ۽ فارنزڪ ليب هتي ڪاميابي سان ڪم ڪري رهي آهي. ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ سي ٽي ڊي ۽ سيف سٽي تي ڪنهن به ڌيان ڇو نه ڏنو؟جي يو آءِ  جي مولانا عطا الرحمان چيو ته آئيني ترميم جي حوالي سان اسان جي سينيٽرن کي گم ڪيو ويو. ان ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي. اسان جو سينيٽر شڪور خان ڪالهه 11 وڳي کان غائب آهي. سندس پٽ ۽ ڀاءُ به کيس ڳولي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ مخالف ڌر ڪهڙي ترميم آڻيندي؟ ڇا اسان ترميم جي آزاديءَ سان سوچي سگهون ٿا؟مسلم ليگ ن جي پارلياماني ليڊر عرفان صديقي چيو ته هو مولانا فضل الرحمان جي سياسي ڏاهپ کي ساراهي ٿو. اسان کي مولانا فضل الرحمان جي حمايت ۽ سرپرستي جي ضرورت آهي. اسان جو ۽ مولانا جو آئيني ترميم ۾ ڪو به سياسي مفاد ناهي.عرفان صديقي چيو ته اسان رڳو انصاف جي نظام ۾ سڌارا چاهيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.