ميرپورماٿيلو (ن ع آ ) ميرپورماٿيلو پنج ڏينهن اڳ رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ھتياربندن پاران سردار مير شھريار شر تي قاتلاڻي حملي جي الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو کي گذريل ڏينهن شام جو سيڪورٽي جي خدشن سبب سکر پوليس حوالي ڪيو ويو آهي ياد رهي ته ايس ايڇ او رائونتي عبدالشڪور لاکو گرفتاري بعد گذريل ڏينهن ايس ايس پي گھوٽڪي مٿان الزام پڻ ھنيو ھو ته ھو ڏوھارين جي وينگار وھي رھيو آھي منھنجي جان کي خطرو آهي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.