بلاول پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران سان ملاقات جي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات جو يقين ڏياريو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان ۽ بئريسٽر گوهر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر بلاول ڀٽو سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جمهوريت جا دعويدار آهيو، اسان کي توهان مان وڏيون اميدون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو بئريسٽر گوهر گوهر کي يقين ڏياريو ته سڀاڻي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائيندس، سڀاڻي توهان وڃي پي ٽي آءِ جي باني سان حتمي مسودي تي صلاح ڪريو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني طرفان آئيني ترميم جي حتمي مسودي تي 4 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، ڪميٽي ۾ بئريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا، علي ظفر ۽ حامد خان شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.