ڪراچي (رپورٽر ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي ڪمپلين سيل جي ڪارڪردگي ۽ سڌارن بابت چوٿون اجلاس ٿيو.ان کان اڳ شڪايتي سيل جي ڪارڪردگي بابت 12، 13 ۽ 27 سيپٽمبر تي ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن. اجلاس ۾ ڊي آءِ جيز، هيڊ ڪوارٽرز، آءِ ٽي، اي آءِ جيز، ايڊمن، شڪايتي سيل، آپريشنز ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر آءِ ٽي شرڪت ڪئي. اي آءِ جي شڪايت سيل گذريل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي عمل درآمد ۽ ڊپارٽمينٽ جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آءِ جي شڪايت سيل کي عوام پاران خطن، ٽيليفون، ايس ايم ايس، اي-اي ذريعي ڪافي درخواستون مليون آهن.
-
پي ايم ڊي سي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا روڪي ڇڏي
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) پاڪستان جي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس فرسٽ ائر 2024 جا داخلا روڪي ڇڏيا آهن. پي ايم ڊي سي جي رجسٽرار ايم ڊي ڪيٽ منعقد ڪندڙ پنجن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ پي ايم ڊي سي پاران اعلانيل ٽيسٽ جا نتيجا شايع نه ڪيا ويندا، نتيجا 2024 آپريشنز ان وقت تائين معطل رھندا جيستائين ٻڌڻي جي ايندڙ تاريخ ۽ ڪو ادارو ان نتيجي جي بنياد تي داخلا جو عمل شروع نٿو ڪري . هوڏانهن پي ايم ڊي سي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اسلام آباد پاران ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ ٻاهرين نصاب مان سوال کڻڻ واري معاملي تي 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جو چيئرمين شفاءِ ملت يونيورسٽي جو وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد اقبال خان هوندو. آرمي ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ميجر جنرل محمد سهيل امين ۽ پي ايم ڊي سي جي ڊاڪٽر سميرا احسان ميمبر هوندا ، جڏهن ته ڪميٽي ۾ هڪ وڌيڪ ميمبر شامل ڪري سگهجي ٿو. ڪميٽي 5 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي.