وزيراعظم جي صدر سان ملاقات،آئيني ترميم تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)صدر آصف زرداري سان ايوان صدر ۾ وزيراعظم شهباز  شريف ملاقات ڪئي، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن موجب ملاقات ۾ 26هين آئيني ترميم جي منظوري بابت معاملن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته تجويز ڪيل آئيني ترميم جي حتمي مسودي تي به غور ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن تجويز ڪيل آئيني مسودي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، صدر آصف زرداري متفقه قانون سازي کي جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ اهم قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.