گهوٽڪي ويجهو ماءُ سان ملڻ لاءِ ويل نوجوان قتل، لاش گم

لکي غلام شاهه (ت ر) چڪ جي ڪچي واسي ماءُ سان ملڻ ويل نوجوان بلاول مهر کي گهوٽڪي ڀرسان يارو لنڊ واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو .ڪچي جي ڳوٺ صرفو واسي 17 سالن جو نوجوان بلاول مهر گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ يارو لنڊ پنهنجي ماءُ سان ملڻ ويو ته ويڳي پيءُ نوجوان کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو .نوجوان جي پيءُ منير مهر دانهيندي چيو ته وڌيو مهر ٻين ساٿين سان گڏجي نوجوان کي ماري لاش گم ڪري ڇڏيو آھي. منير مهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته قتل ٿيل پٽ بلاول جو لاش ڏياريو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.