اسٽيبلشمينٽ کي فضل الرحمان تي خدشا،ترميمن جي منظوري لاءِ ايجنسيون سرگرم؟

لاهور(معظم فخر)آئيني ترميمن مان اصل فائدو ماڻيندڙ اسٽيبلشمينٽ حڪومت کي خاطري ڪرائي آهي ته بي خوف ٿي اهي آئيني ترميمون منظور ڪرايون وڃن،نمبر جي چڪر ۾ نه پئو،آئيني ترميمي مسودو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي،گذريل رات سياسي ملاقاتن جي حوالي سان انتهائي اهم ثابت ٿي،مولانا فضل الرحمان جي پي ٽي آءِ اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ مولانا حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن بعد رات پيٽ ۾ وزيراعظم شهبازشريف،اسحاق ڊار ۽ بلاول ڀٽو زرداري مولانا سان ملاقاتون ڪيون، آئيني ترميمن جي سلسلي ۾ جيڪو سياسي اتفاق راءِ وارو ماحول پيدا ٿيو هو اهو هاڻي ٽٽندي نظر پيو اچي،سوال اهو ٿو اڀري ته جڏهن لاهور ۾ ٽن وڏن سياسي اڳواڻن ۾ اتفاق راءِ ٿي چڪو هو ته پوءِ اوچتو رات پيٽ ۾ جي يو آءِ ۽ اختر مينگل جي پارٽي جي ميمبرن سان ڪنهن رابطا ڪيا،کين ڇو هراسان ڪيو ويو،آفرز ڪيون ويون؟ ان صورتحال ۾ اهو ڊرامائي موڙ ڇو آيو؟ ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان طاقتور حلقن کي ڪجهه تحفظات آهن،سندن اهو مڃڻ آهي ته مولانا هروڀرو ان آئيني ترميم کي چيونگم وانگر ڇڪي رهيو آهي،مولانا جي پارٽي خصوصي پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ اها تجويز رکي آهي ته ترميم لاءِ پي ٽي آءِ ،پاڪستان بار ڪائونسل،سپريم ڪورٽ بار جي نمائندن کي به ڳالهين جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي،ان مطالبي تي اهو تاثر اڀريو ته جي يو آءِ  آئيني ترميم جي معاملي تي پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ سان هاڪي کيڏي رهي آهي،جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي پليٽ فارمن تان اها خبر پکيڙي وئي آهي ته جي يو آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ جوڙيو پيو وڃي،قومي اسيمبلي ۾ نور عالم خان جي اڳواڻي ۾ فارورڊ بلاڪ جڙي چڪو آهي کيس چار ميمبرن جي حمايت حاصل آهي،سينيٽ ۾ به ٽي ميمبر نور عالم خان سان رابطي ۾ آهن،اهي خبرون ڪامران مرتضيٰ جي علم ۾ آيون ته هن مولانا فضل الرحمان کي آگاهه ڪري ڇڏيو،ذريعن موجب سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل واري مسودي تان اسٽيبلشمينٽ ڪنهن به صورت ۾ پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي،اسٽيبلشمينٽ اهو سمجهي ٿي ته مولانا فضل الرحمان ساڻن ڪا گيم کيڏي رهيو آهي، آءِ ايس آءِ جي نئين قيادت حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته مرحليوار منظوري بدران هڪ ئي ڀيرو سموريون آئيني ترميمون منظور ڪرايون وڃن،ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ڳڻتي نه ڪريو،جڏهن ته سياسي قيادت اتفاق راءِ چاهي ٿي، ترميمن لاءِ رڳو ڳجهيون ايجنسيون نه پر صوبائي اسپيشل برانچ به سرگرم ٿي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 19 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.