ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، جلسن جلوسن تي پابندي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي لاڳو  ڪئي ويئي آهي. ڪمشنر ڪراچي 18/ ۽ اڄ 19 آڪٽوبر تائين قلم 144 لاڳو تحت پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ٻن ڏينهن لاءِ مظاهرن، جلوسن، ڌرڻن ۽ ميڙاڪن تي پابندي هوندي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جي درخواست تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفيڪشن تحت ڪراچي ۾ پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف پوليس کي ڪاروائي جو اختيار هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.