حيدرآباد (رپورٽر) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ و ماس ٽرانزٽ اينڊ ايڪسائيز ٽيڪسيشن و نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ شرجيل انعام ميمڻ 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ جلسي گاهه هٽڙي باءِ پاس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو مسلسل ڌمڪيون ملڻ جي باوجود 18 آڪٽوبر تي بهادري ۽ همت سان پاڪستان آئي، ڪارساز ڌماڪي جي شهيدن جي ياد ۾ پيپلزپارٽي جلسو حيدرآباد ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انشاالله اڄ جو جلسو تاريخي جلسو ثابت ٿيندو ، جلسي گاه ۾ 80 هزار ڪرسيون لڳي چڪيون آهن سڀاڻي انشاالله لکين ماڻهو جلسي ۾ شرڪت ڪندا هن چيو ته پ پ جيڪي به وعدا ڪيا اهي پورا ڪيا آهن ، اڄ جي سڀ کان وڏي هائوسنگ اسڪيم جو منصوبو جيڪو ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏيڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت 21 لک گهر ٺاهيا پيا وڃن جڏهن ته هاري ڪارڊ پڻ پ پ کڻي آئي آهي ، پ پ ڪڏهن به ڏاڍ جي سياست کي نٿي مڃي ۽ نه ئي ڪو جبر ڪيو آهي ،هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جو موقف آهي ته سڀئي پارٽيون گڏجي متفقه طور تي آئيني ترميم ۾ حصو وٺن ، اسين ته اختر مينگل ۽ پي ٽي آئي کي به آئيني ترميم جي لاءِ دعوت ڏيون ٿا، پاڻي جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته ترميم ۾ پاڻي جي ورهاست جي ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي ان موقعي تي گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته 18 آڪٽوبر2007 پي پي لاءِ تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن ثابت ٿيو .