ساجن ملوڪاڻي جو قتل بربريت آهي: رياض چانڊيو

حيدرآباد( پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو، نواز شاھ ڀاڏائي ،غفار ميرجت،ذوالفقار بليدي،اياز  سولنگي،سلطان دل،ڪمال مهر چيو آھي ته ساجن ملوڪاڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ قانون جو شاگرد هيو تنهن کي کڻي گم ڪيو ويو هو ۽ ان کي پنجاب ۾  ڪوڙي مقابلي ۾ ماري لاش سنڌ منتقل ڪيو ويو،اهو مذمت جوڳو آهي،هنن چيو ته ملڪي عدالتون جبري گمشدگين تي رڳو پوليس جون حاضريون ڀرائي گم ٿيلن جي وارثن کي معاوضو وٺي ڏينديون آهن پر ڪڏھن به گم ڪندڙ قوتن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ ناهي آندو ويو هي دهشت ۽ وحشت جو راڄ سنڌ جي ماڻھن کي خاموش نٿو ڪري سگهي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ته ساجن ملوڪاڻي کي ڪنهن گم ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.