ايس ايس پي ڌاڙيلن جي ونگار وهي پيو:عبدالشڪور لاکو

ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي (رپورٽ: پريم راٺوڙ+آزاد مهر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي سردار شھريار خان شر مٿان ٿيل قاتلاڻي  حملي ۽ سندس ساٿي علي محمد شر جي قتل واري واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد الزام هيٺ آيل رائونتي ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو کي گزريل ڏينهن گھوٽڪي ضلعي جي پوليس پاران سخت سيڪيورٽي ھيٺ منھن تي ڪپڙو ڏئي دھشتگردي جي انت واري  عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ پيش ڪري رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي ته عدالت سڳوري وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد گرفتار ايس ايڇ او کي ستن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي عدالت ٻاهران گرفتار ايس ايڇ او دانھون ڪندو رھيو ته ايس ايس پي گھوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي ڌاڙيلن جي وينگار وھي رھيو آھي ڌاڙيلن جي چوڻ تي مون کي ھڪ وڏي گيم ۾ ڦاسايو پيو وڃي منھنجي زندگي کي خطرو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.