ورهين جو انتظار ختم، پاڪستان ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي هارائي ڇڏيو

ملتان ٽيسٽ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي 152تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي.
ملتان ٽيسٽ ۾ انگلش ٽيم297 رنسن جي هدف جي جواب ۾ انگلينڊ جي سموري ٽيم 144 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان مسلسل 6 ٽيسٽ ميچون هارائڻ ۽ پنهنجي سرزمين تي ٽن ورهين کانپوءِ پهرين ڪاميابي ماڻي آهي.
ملتان ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ چوٿين ڏينهن جي شروعات ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 36 رنسن کان ڪئي پر ساجد خان هڪ رنس جي اضافي تي ئي اولي پوپ کي پويلين جو رستو ڏيکاريو، جڏهن ته جوءِ روٽ نعمان علي جي بال تي 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
پنجين وڪيٽ تي هيري بروڪ ۽ ڪپتان بين اسٽوڪ مزاحمت جي ڪوشش ڪئي، ٻنهي ٽيم جو مجموعي اسڪور 78 تائين پهچايو جنهن کانپوءِ بروڪ به نعمان علي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، هو 16 رنسون ئي ٺاهي سگهيو.
انگلينڊ جي پنجين وڪيٽ ڪِرڻ کانپوءِ پاڪستان جي ميچ تي پڪڙ مضبوط ٿي وئي ۽ انگلش بيٽر ساجد خان ۽ نعمان علي جي اسپن جي ڄار ۾ ڦاسي پيا.
پاڪستان طرفان نعمان علي 8 ۽ ساجد خان 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
واضح رهي ته ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستان پهرين اننگز ۾ 366 ۽ ٻي ۾ 221 رنسون ٺاهيون جڏهن ته انگلش ٽيم پهرين اننگز ۾ 291 رنسون ٺاهي سگهي هئي.
پاڪستان ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ڇڏي.
شاندار ڪارڪردگي تي قومي ٽيم جي ساجد خان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.