بلاول ڀٽو جي عمر ايوب ۽ بئريسٽر گوهر سان ملاقات، آئيني ترميمن تي ڳالهيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سان ملاقات ٿي.
ذريعن موجب، بلاول ڀٽو جي عمر ايوب ۽ بئريسٽر گوهر سان ملاقات گذريل ڏينهن قومي اسيمبليءَ هال ۾ ٿي. ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ اڳواڻن سان آئيني ترميم بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آئيني ترميمن جا مختلف رخ بئريسٽر گوهر جي آڏو رکيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فلسطين تي آل پارٽيز ڪانفرنس بابت گفتگو ڪئي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آئيني ترميم واري معاملي تي مولانا فضل الرحمان کي راضي ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري رات دير سان سندس رهائش گاهه پهتا هئا جتي ٽنهي اڳواڻن وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات ٿي، پر ان معاملي تي ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.