اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ٻن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ھندوستاني پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر پاڪستان آيو. لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ڪنهن به ھندوستاني پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو اهو پهريون دورو آهي انھيءَ ڪري اسلام آباد پهچندڙ سمورن پرڏيهي وزيرن ۽اڳواڻ کان رواجي ۽ سوشل ميڊيا جو ڌيان جي شنڪر تي ئي ھو.ھندوستاني پرڏيهي وزير جي شنڪر جي اچڻ کان اڳ ئي پاڪستان ۽ ھندوستان جي لاڳاپن بابت سندس بيان ميڊيا جي زينت بڻيل رهيا.پر جيئن ئي سندس جھاز پنڊي جي نور ائير پورٽ تي لٿو تھ ماڻھن جا تبصرا ۽ تجزيا شروع ٿي ويا.
ڪئين مھمانن جي آڌرڀاءُ جي لاءِ پاڪستاني وزير ويا ۽ چيني وزيراعظم کي وٺن جي لاءِ وزيراعظم شھبازشريف پاڻ ويو ھو.پر جي شنڪر جئين جھاز مان ٻاھر نڪتو تھ اتي ڪو بھ وزير يا مشير نھ ھو.جنھن تي تبصرو ڪندي هڪ پاڪستاني اينڪر پرسن لکيو ته ” ھندوستاني پرڏيهي وزير جو پرڏيهي آفيس جي هڪ آفيسر آڌي ڀاءُ ڪيو جڏهن ته ٻين وفدن جو استقبال وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن ڪيو.ٻين پاڪستاني سوشل ميڊيا صارفين ان معاملي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ صارف لکيو، "ميزبان ملڪ جي حيثيت سان، اسان کي جي شنڪر کي ڀليڪار ڪرڻ گهرجي ها.” ڪو وزير وغيرھ ان کي وٺڻ لاءِ وڃڻ کپي ھا.
ھندوستاني پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ پرڏيهي مهمانن ۽ ايس سي او اجلاس دوران ڏنل ڊنر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات ڪئي.ان دوران پاڪستان ۽ ھندوستان جا صارفين مختلف تبصرن سان ٺهيل تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندا رهيا. هڪ هندستاني صارف لکيوتھ لڳي ٿو تھ سفارتڪاري اڃان بھ زندا آھي، شهباز شريف جو ايس سي او اجلاس ۾ جي شنڪر جي آجيان ڪرڻ تعميري ڳالهين ڏانهن هڪ قدم آهي.اميد ڪجي ٿي تھ ان جا مثبت نتيجا نڪرندا.
هندستاني پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري بابت ماڻهن جي خاص دلچسپي رھي. جنھن جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن سندس هندستاني هاءِ ڪميشن ۾ واڪ ۽ وڻ پوکڻ جون تصويرون ايڪس تي پوسٽ ڪيون ويون تھ ان اتي به ماڻهو تبصرا ڪرڻ لڳا.ان تي هڪ صارف کي کي ته اهڙو سئر اسلام آباد ۽ دهلي جي روزاني زندگي جو حصو بڻجڻ گھرجي، جنهن ذريعي سٺا پاڙيسري لاڳاپا قائم ٿي سگهن. امن کي موقعو ڏنو وڃي.ايس سي او اجلاس دوران ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ ھندوستاني پرڏيهي وزير به خطاب ڪيو.ھن چيو تھ جيڪڏهن سرحد پار دهشتگردي، علحيدگي پسندي ۽ انتهاپسندي جهڙيون سرگرميون جاري رهنديون ته اهڙي ماحول ۾ واپار، توانائي ۽ مواصلات جو فروغ ناممڪن آهي.”ان لاءِ اسان کي ايمانداري سان گفتگو ڪرڻ، اعتماد پيدا ڪرڻ، سٺا پاڙيسري لاڳاپا ۽ SCO چارٽر سان ڳنڍيل رھڻ جي ضرورت آهي.”پنهنجي تقرير دوران هن وڌيڪ چيو ته ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ خودمختياري تي ٻڌل برابري جي بنياد تي هئڻ گهرجن.
پر جڏهن هندستاني پرڏيهي وزير جي شنڪر تقرير ڪري رهيو هو ته اھو نوٽ ڪيوويو تھ پاڪستان جي سرڪاري ٽيليويزن تي آواز بند ڪيو ويو ھو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نه رڳو ھندوستاني پرڏيهي وزير پر هر پرڏيهي مهمان کي پي ٽي وي پاران سندن تقرير دوران خاموش ڪرايو ويو ھو.هڪ پاڪستاني صحافي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني وزارت اطلاعات جو چوڻ آهي ته ”ميزبان ملڪ جي افتتاحي خطاب کان پوءِ باقي سمورين تقريرن جو آواز بند ڪيو ويو ھو.