پنجاب ۾ شاگردياڻي سان مبينا جنسي زيادتي وارو واقعو افواهه يا حقيقت

تحرير: حاڪم نصيراڻي

پنجاب ۾ هڪ معصوم نياڻي سان وڏو سانحو ٿي ويو  پر قومي ميڊيا خاموش ڇو رهي هاڻوڪي ڏينهن ۾ اهڙو لقاءُ  پنجاب ۾ ڏسجي پيو جو هڪ معصوم نياڻي جي مبينا جنسي ذيادتي ۽ موت کي اهڙو ته کنيو ويو آهي جو هزارين ميلن جي فاصلي تي ويٺل ماڻهو به تنقيد ۽ ڪاوڙ سان پنهنجي سوشل ميڊيا جو والl  ڀريون ويٺو آهي۔ جنهن کان جئين پڄي ٿو گهٽ نه پيو ڪري.

ڪجهه وقت کان بنگلاديش ۾ آيل هاڻوڪي تبديلي جون ڳالهيون            پاڪستان ۾ به هلڻ لڳيون ڪجهه مذهبي ۽ سياسي ڌريون بنگلاديش ماڊل تبديلي جون صدائون هڻڻ لڳا بهرحال بنگلاديش ماڊل جي تبديلي ته نه آئي پر Student Power جي جهلڪ پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ نظر ضرور آئي آهي۔ وچ پنجاب جي شهرن لاهور سرڳوڌا گجرانوالا گجرات راولپنڊي سميت مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري اهو باور ڪرايو ته ايندڙ وقت ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو۔ پنجاب جي شاگردن اهڙي متاثر نياڻي کي انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي جنهن جا وارث اهو چئي خاموش آهن ته اهڙو واقعو ٿيو ئي ناهي اسان کي انصاف جي ضرورت ئي ناهي اسان جو قسم جي احتجاج سان ڪو تعلق ناهي۔

هاڻي اها ٻي ڳالهھ آهي ته جڏهن اهڙو واقعو ٿيو ئي ناهي ته پوءِ احتجاج ڇا جي لاءِ ڪيو پيو وڃي؟ فيصل واوڊا چوڻي ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي سياست بچائڻ لاءِ لاش گهرجن ڇا هو وقت اهو آهي جو تحريڪ انصاف لاشن جي تلاش پئي ڪري؟ مون کي ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ برما جو وڏو اشو اٿيو هو مسلمانن جي نسل ڪشي جون خبرون اچڻ لڳيون معصوم ٻارن جا چچريل لاش سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل رهيا عورتن جي عزتن جي پامالي جي خبرن جي به ڀرمار لڳي پئي هئي هئي۔ ڪجهه تصويرون ته اهڙيون به هيون جيڪي داعش ۽ شام جي جنگ وقت سوشل ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳيون پر وري ويسر جي مريض ذھنن آڏو ساڳي تصويرون آڻي هائي هائي پئي ڪرائي وئي۔ سو هاڻي تحريڪ انصاف به ساڳي راند کيڏندي هڪ من گهڙت ڪهاڻي گهڙي پنهنجي ماڻهن جو غلط استعمال ڪري پنجاب حڪومت خلاف هڪ نفرت وارو وايو منڊل جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اميد ڪئي ته نوجوانن جي جذباتن کي جيڪڏهن طاقت سان روڪيو ويو ته کيس اها ڪاميابي ملي ويندي جنهن جي سندن سياست کي زنده رکڻ لاءِ ضروري آهي.

مونکي ان ڳالھه جو اعتراض ناهي ته حڪومت مخالف ڌريون ڀل احتجاج ڪن نعرا هڻن هڙتالون ڪن پر کين اهو حق حاصل نه هجي ته اهي ڪنهن عام ماڻهن جي عزت نفس کي ڍال بڻائي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن۔ پنجاب جي جنهن معصوم نياڻي جي عزت ۽ سندس خاندان کي بدنام ڪيو ويو اهو قابل افسوس عمل آهي۔ جڏهن ملڪ جون اهم سياسي پارٽيون افواهن ۽ تهمتن واري سياست ڪنديون ته عام ماڻهو جو انهن پارٽين جي منشور ۽ طرز سياست تان ويساهه ختم ٿي ويندو۔

افسوس ته ان ڳالهھ جو به آهي ته زخمي شاگردياڻي جا والدين ۽ مائٽ اهڙي واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪن پيا پوءِ به اهو ٽولو مڃڻ لاءِ تيار ناهي۔ جڏهن ڇوڪري چئي ٿي ته مان زنده آهيان پر فسادي ٽولو سوشل ميڊيا تي هڪ تمام وڏو جنازو ڏيکاري عام ماڻهو جي ذهن کي خراب پئي ڪري. پنجاب حڪومت داعوي ڪئي آهي ته 66 اهڙا سوشل ميڊيا جا اڪائونٽ آهن جن جي ذريعي اها مهم هلائي شاگردن ۽ عام ماڻهن کي گمراه ڪيو ويو۔ برحال تحريڪ انصاف جي اعلي قيادت کي گهرجي ته اهڙي گندي سياست کان پاسو ڪري ذميوار ڌرين کي سخت سزا ڏين جئين آئنده ڪنهن ۾ اهڙي جرئت نه ٿئي جو سياسي مخالفت ڪندي اخلاقيات جون حدون اورانگهيون وڃن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.