18 آڪٽوبر وارو سانحو ۽ جمهوريت جي بحالي جو سفر

تحرير: محبوب عباسي

اها ڳالهه سج جيان پڌري آهي ته ڪوئي حقيقي آمر هجي يا جمهوري آمر اهو ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي عوام سان جڙڻ، ملڻ ۽ انهيءَ سان گڏجي جدوجهد ڪرڻ کان خوفزده ۽ گهٻرايل رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو عوام کان ڏور رکڻ لاءِ هزارين سازشون ٿينديون رهيون آهن ته جيئن جمهوريت عوام جي خوشحالي ۽ خودمختياري بابت ڪابه ڳالهه ٻولهه ۽             سموري عوام ۽ سياسي  ڪارڪنن کي چٽي طرح ياد هوندو ته اهو 18 آڪٽوبر 2007 جو ڏينهن هو ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي محترمه بي نظير ڀٽو جي اچڻ تي جشن ٿي رهيو هو، هوءَ اٺن سالن جي ڊگهي جلاوطني کانپوءِ پنهنجي وطن واپس اچي رهي هئي، کيس قومي  پرچم جهڙو لباس پهريل هو، سائي جوڙي اڇي رئي سان هوءَ بيحد شانائتي لڳي رهي هئي۔

منهنجي آڏو سندس ٻي يادگيري اها آهي ته جڏهن هوءَ  پنهنجي لاءِ خاص ۽ محفوظ ٽرڪ مان ٻاهر اچي عوام آڏو نمودار ٿي ۽ هن وطن جي سڳند ڀري هوا ۾ ساهه کنيو ته خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي ويئي، هن آسمان طرف ڏٺو ، هٿ کنيان ۽ الله جو شڪر ادا ڪيو، ٻه لڙڪ هن جي اکين مان نمودار ٿيا، مان سمجهان ٿو ته اهي لڙڪ هيرن ۽ جواهرن کان به وڌيڪ قيمتي ۽ بي بها هئا، جيڪي  وطن ۽ ان جي عوام سان سندس غير مشروط پيار ۽ احترام جو اظهار هئا۔ آخر هوء اٺ سال ڌارئي ديس ۾ رهي هئي، ۽ پنهنجي گهر، عوام، ۽ وطن کان دور غريب الوطني جي حياتي وڻندڙ ته نٿي ٿي سگهي۔

سندس استقبال لاءِ لکن جي تعداد ۾ آيل عوام کي گرم جوشي سان هن خطاب ڪندي چيو،´´ مان هتي آيل سڀني جي شڪر گذار آهيان، جيڪي هن سفر ۾ مونسان گڏ هلي رهيا آهن، منهنجي حياتي ۽ خوشيون عوام لاءِ وقف ٿيل آهن، مان غريبن جي اڳواڻ آهيان، ۽ غريبن لاءِ جدوجهد ڪيان ٿي، ۽ منهنجو مرڻ جيئڻ غريب عوام سان آهي۔

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ´پنڪي` ۽ عوام جي ´محترمه` جو پاڪستان موٽي اچڻ ۽ سياست ڪرڻ اقتدار جي ڌڻين لاءِ ڪو نيڪ شگون ڪونه هيو، انهن ماضيء جيان سازشن جو ڄار پکيڙي ڇڏيو جنهن جو پهريون نتيجو 18 آڪتوبر جي شام ڪارساز جو ٿيل سانحو هيو جنهن۾ 177 ڪارڪن شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا هئا، شهادت ماڻيندڙن ۾ بلدياتي وزير پ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني جا ٻه سوٽ به شامل هئا، پر محترمه انهيءَ  حملي ۾ محفوظ رهي ۽ دشمن جو داءُ هلي نه سگهيو، ۽ 19 آڪٽوبر يعني حملي جي ٻئي ڏينهن محترمه بهادري جو مظاهرو ڪندي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو، هوءَ بغير ڪنهن سڪيورٽي جي لياري ۽ جناح اسپتال پهچي حملي ۾ ٿيل زخمين جي عيادت ڪئي، اهڙي همٿ ۽ جرئت جو مثال ڪٿي نٿو ملي. پر هڪ هٿين خالي عورت کان ڊڄڻ وارا سازشون ڪرڻ کان ڪٿي ٿي مڙيا، جيڪي نه هن ملڪ جا سڄڻ هئا،  نه جمهوريت ۽ عوام جي کين ڪا غرض هئي، انهن وري هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳيو فيصلو ڪيو رڳو وارڌات جو طريقو تبديل ڪيو هو، 27 ڊسمبر 2007 خوني شام ، جڏهن لياقت باغ راولپنڊي هڪ جلسي دوران محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، عوام جي ڪاوڙ ۽ڪروڌ مان اکين ۾ رت لهي آيو هو، آخر پنڊي سنڌ جا ٽي ليڊر شهيد ڪري سنڌ موڪليا هئا، ۽ هن ڀيري سنڌ خاموش ٿيڻي ئي نه هئي، سندس وصعيت موجب پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پاسي ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، سڄو ملڪ خاص ڪري سنڌ آهن، داهن ، سڏڪن ۽ سوڳ ۾ ورتل هئي، ۽ عوام ٿڌو ٿيڻ جو ناء ئي نه پئي ورتو، ڄڻ سنڌ جو ويڙهو ئي ويران ٿي ويو هجي، اهڙين ڏکين حالتن ۾ مرد حر جناب آصف علي زرداري´´ پاڪستان کپي " جو نعرو هڻي عوام، پاڪستان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي محفوظ ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته جناب آصف علي زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي  عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد ۾ ڪامياب ٿي ملڪ جون واڳون سنڀاليون، ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي۔

ا ها پاڪستان پيپلز پارٽي جي سگهاري روايت آهي ته هن پنهنجن شهيدن، غازين ۽ ڪارڪنن کي ڪڏهن به ناهي وساريندي. ساڳي طرح 18 آڪٽوبر 2024 ڪارساز جي شهيدن جي ياد ۾ حيدرآباد اندر هڪ شاندار جلسو ٿي رهيو آهي، جنهن کي بلاول ڀٽو زرداريءَ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جتي سندن قربانين کي ياد ڪيو ويندو ۽ ڀيٽا ڏني ويندي۔ جيڪي هن جمهوري سفر ۽ پاڪستان جي خوشحاليءَ لاءِ سرن جا نذرانا ڏئي سوڀ جي علامت بڻجي ويا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.