ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ ۽ 26هين آئيني ترميم جو هڪ پاڻ ۾ ڪو به تعلق ناهي، پر اهي ٻئي اڳيان پويان پاڪستان ۾ پھتا. ڊاڪٽر صاحب جڏهن پاڪستان آيو ته هتي 26هين آئيني ترميم جي پهرين مسودي تي بحث ٿي رهيو هو. مولانا فضل الرحمان ان مسودي کي رد ڪندي ان کي پاڪستان ۾ مارشل لا لڳائڻ جي غير آئيني ڪوشش قرار ڏنو.
ان وچ ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ حڪومت پاڪستان جو سرڪاري مهمان ٿي تشريف کڻي آيو ۽ پوءِ سندس بيانن ۽ انٽرويوز اهڙن بحثن کي جنم ڏنو جو 26هين آئيني ترميم پس منظر ۾ هلي وئي.ڪو مڃي يا نه، پر 26هين آئيني ترميم ۽ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پنهنجي ميزبانن کي سخت پريشانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڪافي عرصو اڳ مون ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ بابت دارالعلوم ديوبند جي هڪ فتويٰ پڙهي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ھوءِ مسلمان عالمن.کي حق کان منهن موڙائڻ جي ڪوشش ڻ آھي. ان کان پوءِ جامع العلوم الاسلاميه بنوري ٽائون ڪراچيءَ جي بھ هڪ فتويٰ سامھون آئي ھئي. جنهن ۾ چيو ويو ھو ته ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ مذهبن جي تقابل بابت گهڻو علم رکي ٿو. پر حديث ۽ فقه ۾ سندس ڄاڻ مسلمھ نھ آھي. تنهن ڪري ديني مسئلن ۾ سندس راءِ تي اعتبار ڪرڻ ضروري نھ آهي.
جڏهن هو پاڪستان پهتو ته سرڪاري ميڊيا ٻڌايو ته ھندستاني حڪومت سندس پيس ٽي وي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، پر اهو نه ٻڌايو ته سندس ٽي وي چينل تي بنگلاديش، ڪينيڊا ۽ برطانيه ۾ به پابندي مڙهيل آهي. ھندستان ۾ مٿس مني لانڊرنگ جو الزام آهي،ھندستاني حڪومت اھڙي قسم جا الزام ڪشميري آزادي پسندن ۽ پنهنجي سياسي مخالفن تي به لڳائيندي رهي آهي، تنهن ڪري ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ تي مني لانڊرنگ جا الزام نظرانداز ڪري ٿا ڇڏيون.پر بنگلاديش ۽ برطانيا ۾ ھن جي پيش ٽي وي تھ پابندي لڳائي وئي ؟
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ تي نفرت انگيز تقريرون ڪرڻ جو الزام آهي. ان الزام کي به نظرانداز ڪري ٿا ڇڏيون. جڏهن کان هو پاڪستان آيو آهي تھ هتي سندس گفتگو جو جائزو وٺون ٿا.جڏهن هو پاڪستان آيو يتيم ٻارڙن ۽ ٻارڙين جي اداري ”پاڪستان سويٽ ھوم ” ھلائيندڙ زمرد خان سندس اعزاز ۾ هڪ آجياڻي جو اھتمام ڪيو. ان موقعي تي زمرد خان پنهنجي اداري جي شاگردن طرفان ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي ھڪ اعزازي شيلڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جڏهن اهي شاگردياڻيون شيلڊ ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي آيون ته ڊاڪٽر انهن نياڻين کي ڏسي وائڙو ٿي ويو، هن اسٽيج تان ٽپو ڏنو ۽ ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته مان هنن ڇوڪرين کان شيلڊ نه وٺندس. مون ان واقعي جي تصديق لاءِ زمرد خان سان رابطو ڪيو ته هو ڏاڍو اداس نظر آيو.
هن چيو ته منهنجيون ڌيئرون تيرهن يا چوڏهن سالن جون هيون. مون ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي چيو تھ اھي منھنجون ڌيئرون آهن، انهن کان شيلڊ وٺي ۽ اسان جي همت افزائي ڪريو، پر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته اهي نا محرم آهن ۽ مان انهن کي ٽچ نه ٿو ڪري سگهان. بعد ۾ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ وڏي فخر سان اهو سڄو واقعو بيان ڪيو ۽ چيو ته مون هڪ يتيم خاني جي مالڪ کي چيو ته تون انهن ڇوڪرين کي ڌيئرون چئي ُڇھي نٿو سگهين. يقين ڪريو، اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي بھ ڏاڍو ڏک ٿيو. زمرد خان ڪنھن يتيم خاني جو مالڪ نه پر منتظم آهي. مان زمرد خان کي تڏهن کان سڃاڻان ٿو جڏهن هو قومي اسيمبلي جو ميمبر هو. پوءِ سياست ڇڏي عوامي خدمت ۾ لڳي ويو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي گهڻو فخر آهي ته هن ڪيترن ئي غير مسلمانن کي مسلمان ڪري ڇڏيو آھي. زمرد خان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته هن هزارين يتيم ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پينو فقير ٿيڻ کان بچايو ۽ انهن کي مفت تعليم ڏياري هڪ خودمختيار شهري بڻايو. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ انهن يتيمن ٻارڙين کي ڌتڪارڻ بجاءِ انهن جي سامهون پنهنجي موقف جو چڱيءَ طرح اظهار ڪري پئي سگھيو.
سندس نامناسب رويو اتي ختم نه ٿيو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن پاڪستان جي قومي ايئر لائن خلاف بيان ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته ملائيشيا کان پاڪستان اچڻ وقت هن وٽ 5 کان 6 سئو ڪلو اضافي سامان هو،پي آءِ اي وارن ان اضافي سامان تي 50 سيڪڙو رعايت جي آڇ ڪئي.پر مان چيو تھ رعايت ڏيڻي آھي تھ مفت ڪريو يا نھ ڏيو. ڇاڪاڻ ته مان سرڪاري مهمان آهيان. بعد ۾ معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب جي PIA تي ڪاوڙ بي بنياد هئي، ڇاڪاڻ ته هن قطر ايئر ويز ۾ سفر ڪيو هو. هن پي آءِ اي بابت بيان تي معافي گهري پر سمجهه ۾ نه آيو ته هن اهڙو غلط بيان ڇو ڏنو ؟
هڪ ٻئي اجتماع ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کان سوال ڪيو ويو ته اسلام ۾ عورت کان جو درجو مرد کان گهٽ ڇو آهي ۽ مرد لاءِ چئن شادين جي اجازت ڇو آھي ؟ ان سوال جو جواب بلڪل سادو هو جيڪو مون ڪيترن ئي عالمن کان ڪيترائي ڀيرا ٻڌو آهي. اسلام ڪڏهن به اهو نه چيو آهي ته عورت جو درجو گهٽ آهي، اسلام صرف اهو چوي ٿو ته عورت مرد کان مختلف آهي. ٻنهي جي وچ ۾ فرق آهي، تنهنڪري ٻنهي جي وچ ۾ ڪو به مقابلو ناهي. خود ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پنهنجي ڪتاب اسلام ۾ عورتن جي حقن بابت پنھنجي ڪتاب ۾ اعتراف ڪيو آهي ته هڪ مرد جي مقابلي ۾ ٻن عورتن جي گواهي صرف مالي ۽ قتل ۾ گهري وئي آهي، باقي ڪيسن ۾ هڪ عورت جي گواهي برابر آهي. مثال طور عورت ۽ مرد جي رمضان يا عيد جي چنڊ ڏسڻ ۾ برابر آهي. چئن شادين جي اجازت کي زالن ۾ انصاف سان مشروط ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پاڻ به ھڪ ئي شادي ڪئي آهي. هڪ عورت هڪ کان وڌيڪ شادي ان ڪري نٿي سگهي ڇو ته هن ان جي اولاد کي پنهنجي پيءُ جو پتو نه پوندو.
ڊاڪٽر صاحب هڪ عورت ٽي وي اينڪر فريحا ادريس کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ٽي وي تي 20 منٽن تائين عورت نيوز ريڊر ڏسڻ سان مرد جي دل ۾ ھڪ ھلچل نھ ٿي ٿئي ته پوءِ مرد کي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ گهرجي. انٽرويو وٺندڙ عورت جي مٿي تي ڪپڙو هو ۽ منهن کان سواءِ سڄو جسم ڍڪيل هو.صرف عورت جو چهرو ڏسڻ سان ئي مرد جي دل ۾ ھلچل پئدا نھ ٿيڻ بيماري آھي ؟ ساڳئي انٽرويو ۾ ڊاڪٽر چيو ته عورت رياست جي سربراهه نه ٿي ٿي سگهي ڇو ته ھن کي مردن سان هٿ ملائڻو پوندو ۽ پوءِ چيو ته جڏھن ڪا عورت حڪمران ٿيندي آهي ته ان جو مستقبل تباهه ٿي ويندو آهي. اهو ٻڌي مون کي اهي عالم ياد آيا جن جنرل ايوب خان جي خلاف صدارتي اليڪشن ۾ محترمه فاطمه جناح جي حمايت ڪئي هئي ۽ نواز شريف جي مقابلي ۾محترمه بينظير ڀٽو جي حمايت ڪئي هئي.
ڇا ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کي مريم نواز جو رستو روڪڻ لاءِ پاڪستان سڏايو ويو هو ؟ هڪ ٻئي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڊڪٽيٽر قرآن ۽ حديث تي عمل ڪري ته ڪو مسئلو ناهي. اهو ٻڌي مون سوچيو ته جيڪڏهن اڄ قائداعظم ۽ علامه اقبال جيئرا هجن ها ته ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي لفظن تي ڪهڙو ردعمل ڏين ها؟ اڄ بلاول ڀٽو زرداري آئيني عدالت ۾ قائد اعظم جا حوالا ڏئي رهيو آهي. هن کان پڇڻو اھو ھو تھ قائداعظم جي پاڪستان ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جي فڪر ۽ سوچ جي ڪيتري گنجائش آهي؟