سنڌ ۽ سنڌي عوام ڇهن ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪري ٿو

رپورٽون آهن ته سنڌو درياهه کي سڪائڻ جي سازش تيز ٿي وئي آهي. وفاقي حڪومت سنڌو درياهه مان 6ڪئنال ڪڍڻ واري  تڪراري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ پنجاب صوبي جي فرمائش تي 6 ڪئنال ڪڍڻ جي رٿا سنڌ جي سخت اعتراض ۽ سنڌ اسيمبلي مان ان خلاف پاس ٿيل ٺهراءُ  باوجود منظور ڪري ورتي آهي. رپورٽن موجب سينٽرل ڊيوليپمينٽ ورڪنگ پارٽي (سي ڊي ڊبليو) جي حتمي منظوري لاءِ معاملو  ايڪنڪ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. ان رپورٽ جي رد عمل ۾ سنڌ جون سڀ قومپرست جماعتون سراپا احتجاج آهن جڏهن ته پ پ طرفان ان معاملي تي پهريون سخت رد عمل محترمه سسئي پليجو جو ظاهر  ٿيو آهي جنهن پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سي ڊي ڊبليو جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي خاموش نٿا ويهي سگهون ڇاڪاڻ ته پاڻي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. هن چير ته ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ منصوبو  ڇهن ڪينالن وارو آهي. اها سڌي سنئين دهشتگردي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. ڇهن ڪينالن ڪڍڻ وارو معاملو سنڌ جو پاڻي چورائڻ جو هڪ نئون منصوبو آهي جيڪو ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

اها انتهائي حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته پ پ جو وفاقي حڪومت ۾ حصو هجڻ، آصف زرداري جي صدر مملڪت  هئڻ ۽ سنڌ اسيمبلي مان خود سنڌ حڪومت جو ارسا ۾ ترميم ۽ سنڌو  درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ باوجود وفاقي حڪومت نه پنهنجي اتحادي جماعت جي اعتراض کي ٿي تسليم ڪري نه ئي سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ کي ٿي ڪا اهميت ڏي. وفاقي حڪومت کي ملڪي حالتن جي نزاڪتن جي به ڪا پرواهه نظر نٿي اچي ته هي اهڙو وقت آهي جنهن ۾ اڳ ئي وفاق جي سلامتي کي خطرو آهي. بلوچستان ۽ سنڌ کي تاريخي طور  تي وفاق کان شڪايتون رهيون آهن ۽ هاڻي  خيبر پختونخواهه جي حڪومت به وفاقي حڪومت خلاف مهاڏو اٽڪايو ويٺي آهي اهڙي وقت ۾ اصولي طور تي وفاق کي پنهنجي مضبوطي لاءِ ننڍن صوبن کي خوش ڪرڻ جون پاليسيون اختيار ڪرڻ گهرجن پر وفاقي حڪومت الٽو صوبن کي پاڻ پري ڪرڻ جون پاليسيون جاري رکيون ويٺي آهي. ٻيو  ته ڇڏيو اها پنهنجي اڄ جي اهم اتحادي پ پ جي اعترض جو به خيال نه پئي ڪري ۽ ان جي پوزيشن کي صوبي سنڌ ۾ تڪراري ۽ سواليه نشان بڻائي رهي آهي. قوم پرست جماعتون ته ان ڪري اهو چئي رهيون آهن ته اندروني  طور تي پ پ وفاقي حڪومت سان مليل آهي تنهن ڪري اها اهڙا فيصلا ڪري رهي آهي ۽ ان کي اهڙا فيصلا ڪندي پ پ جي ناراضگي جو ڪو خوف ۽ خدشو ناهي ته جيڪڏهن پ پ ارسا ايڪٽ ۽ ڇهن ڪينالن جي معاملي تي ناراض  ٿي وئي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ئي نه رهندي جيڪا پ پ جي سيٽن تي ئي قائم آهي.

سو اها تاريخي حقيقت آهي ته جتي وفاق جو ننڍن صوبن ڏانهن تاريخي طور تي سٺو ڪردار ناهي رهيو ۽ جتي ان پاڻي جي معاملي ۾ به هر دور ۾ سنڌ سان زيادتي ڪئي آهي اتي پ پ جو  به سنڌ جي بنيادي حقن ڏانهن اوڏو چٽو ۽ اصولي ڪردار ناهي رهيو  جيڏو قوم پرست جماعتن جو واضح هوندو آهي. پ پ جي تاريخي طور تي ان مبهم ڪردار سبب اڄ به اها سنڌ جي حوالي سان اعتبار جوڳي ناهي رهي.عام تاثر اهو آهي ته  ان سنڌ کي صرف ۽ صرف اقتدار لاءِ ”ڪارڊ“ طور  استعمال ڪيو آهي باقي اها اصولي طور تي سنڌ جي مفادن جي ترجمان نه رهي آهي جڏهن ته اها اڄ سنڌ صوبي تائين محدود آهي کيس سڀ کان وڌيڪ سنڌي عوام طرفان ووٽ پوندا آهن ان ڪري پ پ کي سنڌ جي حقن جي اوليتي بنيادن تي ترجماني ڪرڻ گهرجي پر لڳي ٿو هاڻي اها ان خوش فهمي ۾ آهي ته سنڌ جي عوام طرفان شايد کيس ”بلينڪ چيڪ“ مليل آهي ته اها جيڪو ڪجهه به ڪندي سنڌي عوام جو ووٽ ان کي ئي ملندو . جيڪڏهن پ پ ايئن ٿي سوچي يا سمجهي ته اها سندس عظيم خوش فهمي هوندي ٻئي پاسي وري پ پ جي اها پاليسي به نظر اچي رهي آهي ته ظاهري طور اها وفاق جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف سخت بيان ڏيندي ۽ اندروني طور  مليل هوندي ته جيئن اها وفاق کي به خوش ڪندي رهي ۽ سنڌ سنڌي عوام جي ڪاوڙ کان به پاڻ کي محفوظ ڪي پر اسان جو خيال آهي ته پ پ کي هاڻي واضح ۽ عملي پاليسي اختيارڪرڻي پوندي.سنڌ جي شعور هاڻي سنڌي عوام کي ڪافي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بهرحال پ پ ۾ هاڻي به سسئي پليجو جهڙيون سنڌ جون عاشق شخصيتون  موجود آهن جن مان اها توقع ڪئي ويندي ته اهي سنڌ جي پاڻي واري ڪيس ۾ خاص ڪري پ پ جي سربراهن جي رهنمائي ڪنديون ۽ ممڪن آهي ته انهن جي اثر جو ئي اهو  نتيجو هجي جو پ پ بظاهر پاڻي جي اشو تي سخت موقف رکندي نظر اچي ٿي. سو پ پ کي سنڌ جي بنيادي حقن ۽ خاص طور تي پاڻي جي مسئلي تي سنڌ جي موقف سان گڏ بيهڻو  پوندو ٻي صورت ۾ ان جي سنڌ ۾ به پوءِ ڪا جاءِ نه بچندي.

هوڏانهن وفاق لاءِ  به موجوده وقت ڪنهن چئلينج کان گهٽ ناهي. وفاق تڏهن ئي مضبوط رهي سگهي ٿو جڏهن اهو ننڍن صوبن جي حقن جو محافظ بڻجندو. وفاق کي صرف ۽ صرف هڪ وڏي صوبي مفاد واري  پاليسي مان هاڻي نڪرڻو  پوندو ۽ سڀني صوبن لاءِ ماءُ وارو  ڪردار ادا ڪرڻو  پوندو، ان صورت ۾ ئي وفاق پنهنجي روح کي سلامت رکي سگهندو،  وفاق اصل ۾ رياست جو نگهبان آهي ۽ ان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو  پاڪستان  گهڻ قومي رياست آهي جتي سڀني قومن جي تاريخي ۽ سياسي حقن جو خيال ڪرڻو پوندو. اهو ئي سبب آهي جو  اسين 1940 واري ٺهراءُ کي ئي موجوده پاڪستان جو روح سمجهندا رهيا آهيون جڏهن کان 1940 واري ٺهراءُ  کي پٺي ڏني وئي آهي تڏهن کان هن ملڪ جو وجود ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو رهيو آهي. سو وفاق کي 1940 واري ٺهراءُ  جي روح تحت رياست کي هلائڻو پوندو ۽ ننڍن صوبن توڙي قومن جي بنيادي حقن جو خيال ڪرڻو پوندو.

هن ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۾ آهي. پاڻي جا به معاهدا ٿيل آهن. درياهن جو عالمي قانون به آهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت  پاڻي جي معاهدن تي پاڻ ئي عمل نه ڪندي ۽ ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ جي پاڻي واري حق کي تسليم نه ڪندي ته ظاهر آهي ته پوءِ  مسئلا ۽ بحران ئي پيدا ٿيندا جيڪي ٿيندا رهيا آهن تنهن ڪري  وفاقي حڪومت  کي وينتي ڪجي ٿي ته اها آئيني ۽ قانوني  رستي تي هلندي  پاڻي جي معاهدن ۽ قانون تحت فيصلا ڪري قانون کان مٿانهون فيصلا ڪري اها سنڌ کي ناراض ڪرڻ کان پاسو ڪري.ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ سنڌي عوام سنڌو درياهه کي سُڪائڻ  واري ڇهن ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي نامنظور ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.