پاڪستان اڳ به اهم تقريبن جي ميزباني ڪري چڪو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان عالمي سطح تي وڏين سرگرمين جو مرڪز بڻجي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي وڏين تقريبن جي ميزباني ڪري چڪو آهي. 1974ع ۾ ٻي اسلامي سربراهي ڪانفرنس لاهور ۾ ٿي، جنهن ۾ مسلم دنيا جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس اسلامي ملڪن ۾ سياسي ۽ اقتصادي اتحاد کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي علائقائي ڪانفرنسن جي ميزباني به ڪئي آهي. ڊسمبر 1988ع ۾ اسلام آباد ۾ چوٿين سارڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ واپار، تعليم ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ علائقائي سهڪار کي هٿي ڏني وئي. مارچ 2022 ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو 48 هون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان عالمي سطح تي مسلمانن جي حقن جي تحفظ کي اجاگر ڪيو. هاڻي پاڪستان کي آڪٽوبر 2024 ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي ميزباني جو اعزاز حاصل آهي. ايس سي او جو سربراهه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي ۽ سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ ٿيندڙ عالمي ۽ علائقائي ڪانفرنسن جي تاريخ ملڪ جي عالمي اسٽريٽجڪ اهميت کي ظاهر ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.