اسلام آباد (معظم فخر) پاڪستان ۾ ايس سي او سمٽ ٿي رهي آهي جتي ڀارتي پرڏيهي وزير جئي شنڪر پهچي ويو آهي پر ٻئي پاسي نواز شريف سان ڀارتي صحافڻ ملاقات ڪري انٽرويو ويو. صحافڻ برکا دت جي انٽرويو ۾ نواز شريف چيو ته سٺو هجي ها ته نريندر مودي پاڻ اچي ها پر پوءِ به اميد ڪريون ٿا ته جلد اهڙو موقعو ايندو جو گڏجي ويهنداسين. اهي ڳالهيون ان پاسي اشارا آهن ته پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجا اختلاف پاسي تي ڪري اقتصادي رابطا ڪندا ۽ اهو سڀ سي پيڪ جي منصوبن جي ڪري ممڪن ٿيندو. چين سي پيڪ انهيءَ لاءِ به ٺاهي رهيو آهي ته هو پاڪستان رستي پنهنجون پراڊڪٽس ڀارت ۾ وڪڻي سگهندو ڇو ته ڀارت هڪ وڏي انساني منڊي آهي جتي چين جو واپار گذريل ڪجهه وقت ۾ ٻيڻو ٿي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو چين به چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اقتصادي رابطا بحال ٿين ۽ واپار لاءِ رستا کوليا وڃن.