ايس سي او اجلاس، ڀارتي وزير سميت پرڏيهي مهمانن جي شاندار آجيان، وزيراعظم هائوس ۾ ڊنر

اسلام آباد(م ڊ) شنگهائي تعاون تنظيم جو 23 هون ٻن ڏينهن وارو سربراهه اجلاس اسلام آباد ۾ شروع ٿي ويو آهي، وفاقي راڄڌاني ۾ اجلاس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ملڪن جا سربراهه پهچي ويا آهن، وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس ۾ ايس سي او جي مهمانن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو، ان موقعي تي وزيراعظم مهمانن جو استقبال ڪيو، ان دوران ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر ۽ وزيراعظم شهباز شريف هٿ ملايو ۽ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ڪئي، ڊنر ۾ چين، روس، تاجڪستان، ڪرغزستان، قازقستان، بيلاروس جي وزيراعظمن ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت جي آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي اصولن ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو، مهمانن وزيراعظم کي ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني.ان کان اڳ ڀارتي پرڏيهي وزير سميت ٻين ملڪن جي وفدن جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ان کان سواءِ تاجڪستان ۽ قازقستان جي وزيراعظمن ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزيرن به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.