ڪراچي(رپورٽر) جميعت علماءِ اسلام (ف) ۽ پيپلز پارٽي آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ڪالهه جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول هائوس ڪراچي پهچي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي، جيڪا ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، ملاقات ۾ فريال ٽالپر، سيد نويد قمر، شازيه مري، وڏي وزير مراد علي شاهه، نثار کهڙو ۽ مرتضيٰ وهاب به موجود هئا، جڏهن ته جي يو آءِ ف وفد ۾ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، عثمان باديني، مولانا اسجد محمود، مولانا اسعد محمود، مولانا ضياءُ الرحمان، راشد محمود سومرو، ناصر محمود سومرو ۽ مولانا عبيدالرحمان شامل هئا، ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان جون ٻه پارٽيون آئيني ترميم جي مسودي تي متفق ٿي ويون آهن، اتفاق راءِ ۾ بلاول ڀٽو جو وڏو ڪردار آهي، هو تجويز ڪيل آئيني ترميم جي حوالي سان سڀاڻي اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، اسين اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ، جنهن سان هي آئيني ترميم اتفاق راءِ سان منظور ٿئي، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ جڏهن به ڪامياب آئين آيو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، مولانا فضل الرحمان سڀاڻي نواز شريف سان ملاقات ڪري رهيو آهي، اسان کي به ڊنر جي دعوت ڏني وئي آهي، هن چيو ته جي يو آءِ ۽ پيپلز پارٽي ۾ اتفاق ٿي ويو آهي ۽ اميد آهي ته اهو اتفاق راءِ بل جي بنياد هوندو، ڪوشش ڪنداسين ته ٽنهي پارٽين مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿئي، اسان جو مقصد آهي ته اسين بنا ڪنهن تڪرار جي آئين ۾ ترميم منظور ڪريون، اميد ڪريون ٿا ته سياسي پارٽيون پنهنجي سياست لاءِ نه پر ملڪ جي مفاد لاءِ اتفاق راءِ ڪنديون، پي ٽي آءِ مثبت راءِ بدران رڪاوٽ بڻجندي آهي، اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي هوندي، پر پارلياماني ڪميٽي ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، عدالتي سڌارن بابت هڪ ڀيرو وڪيلن جي ڳالهه مڃي ان جو نتيجو اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون.