اسلام آباد (معظم فخر) ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته 25 آڪٽوبر کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڪا چرپر نه ڪندي. عدالتي ذريعن موجب اهي خدشا بي بنياد آهن ته سپريم ڪورٽ 8 فيبروري واريون چونڊون ڪالعدم قرار ڏيندي. هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي تڪراري بڻائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي ۽ آئيني ترميمن ۾ رنڊڪ ان لاءِ ڪئي پئي وڃي ته رڳو 25 آڪٽوبر جي تاريخ گذري وڃي ته پوءِ اسان پنهنجو راڄ قائم ڪريون. آئيني عدالت ۾ حڪومت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مقرر ڪندي. ان جي ڪري پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ به آرڊيننس کي چئلينج ڪيو ويو آهي ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي آهي. ذريعن موجب عمران خان جي حامي ججن حڪومت کي خاطري ڪرائي ته اسان اوهان جي مدد ڪنداسين رڳو اوهان آئيني عدالت نه ٺاهيو. انصار عباسي پنهنجي ليک ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته حڪومت کي اهڙي خاطري ڪرائي وئي آهي ته اسان اوهان خلاف ڪجهه به نه ڪنداسين. هاڻي اهو حڪومت تي آهي ته ڇا اها انهن تي اعتماد ڪري ٿي يا نٿي ڪري.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 16 آڪٽوبر 2024ع تي شايع ٿيو