”پاڻ روپوش رهي ڪارڪنن کي چوين ٿو ٻاهر نڪرو“گنڊاپور ۽ حماد اظهر ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽  حماد اظهر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. ذريعن موجب علي امين گنڊاپور سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ احتجاج ملتوي ڪرڻ جي حق ۾ ڳالهايو، حماد اظهر ايس سي او ڪانفرنس دوران احتجاج ڪرڻ تي زور ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته علي امين حماد اظهر کي جواب ڏنو ته توهان پاڻ روپوش رهيا آهيو ۽ ڪارڪنن کي ٻاهر نڪرڻ جو چئي رهيا آهيو، مان ٻه ڀيرا اسلام آباد آيو آهيان، پنجاب جي قيادت غير حاضر هئي، منهنجا اسيمبلي ميمبر گرفتار آهن، صوبي جي ڪارڪنن کي به بچائڻو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حماد اظهر علي امين کي جواب ڏيندي چيو ته الزام نه لڳايو، احتجاج ڪيو، پنجاب مان قيادت ڪندس.ذريعن موجب ان تي علي امين چيو ته جيڪڏهن توهان روپوش آهيو ته بغير ڪنهن مددگار جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ڪيئن ڪندا؟ صوبي جي مشينري ۽ ملازم وفاق وٽ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حماد اظهر جواب ڏنو ته توهان جي ڳالهه ٻولهه جو انداز سياسي، اخلاقي ۽ تهذيبي هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اختلاف آهي ته توهين جوڳا لفظ نه ڳالهايو، طعنا نه ڏيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ سينيئر قيادت حماد اظهر ۽ علي امين گنڊاپور وچ ۾ پئجي معاملو ٽاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.