ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ 13 آڪٽوبر تي ريڊ زون ۾ ٿيل فسادن جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي تي به سوال اٿاريا ويا. ذريعن موجب ڪجهه پوليس آفيسرن آءِ جي سنڌ آڏو خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته رڳو فساد دوران مقرر ڪيل آفيسرن کي جاچ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جو چيئرمين ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ فدا مستوئي کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ کي واقعي واري ڏينهن ريڊ زون ۾ ٿيل احتجاج جا تفصيل ڏيڻا هئا. ذريعن موجب اسپيشل برانچ وٽ ڪينٽ اسٽيشن ڀرسان مظاهري جا تفصيل نه هئا. ٽي تلوارن وٽ ڊي آءِ جي ڏکڻ،ايس ايس پي ڪياماڙي ۽ ايس ايس پي جاچ جي ڊيوٽي هئي، جڏهن ڪينٽ اسِٽيشن ويجهو مظاهرو ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽن تلوارن وٽ موجود آفيسرن کي اڳتي اچڻو پيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي وي ايل سي عارف رائو اسلم ۽ ايس ايس پي ڏکڻ پريس ڪلب ۾ مقرر هئا جن جي موجودگي ۾ ئي لاٺي چارج ٿي هئي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪميٽي ۾ ايس ايس پي وي ايل سي عارف راولاسلم کي به شامل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪجهه پوليس آفيسرن آءِ جي سنڌ آڏو خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته رڳو وڳوڙ دوران مقرر ڪيل آفيسرن کي جاچ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي .