ڪراچي ۾ نياڻين مٿان ٿيل تشدد برداشت جوڳو ناهي: صنعان قريشي

ملير (ڊ ر) ڪراچي ۾ نياڻين مٿان ٿيل تشدد کي برداشت نٿو ڪري سگهجي، هي بحريا ٽائون واقعي کانپوءِ پوءِ وڏو واقعو ٿيو  آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جون ڪراچي، بحريا ٽائون ڪيس ۾ ڪراچي ان سائيڊ سينٽرل جيل اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهيون جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪراچي ان سائيڊ سينٽرل جيل اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ بحريا ٽائون ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ نياڻين مٿان ٿيل تشدد کي برداشت نٿو ڪري سگهجي، هي بحريا ٽائون واقعي کانپوءِ پوءِ وڏو واقعو ٿيو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو سنڌ سنڌين جي آھي، سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشون برداشت نه ڪنداسين، سنڌ صوفين ، عالمن جو ديس آهي، تنهن ڪري سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انتها پسندي برداشت نه ڪئي وڃي، هن چيو ته سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري رستي تي هلي سنڌ جي مالڪي ڪنداسين، 27 آڪٽوبر تي عمر ڪوٽ ۾ پيغام سنڌ مارچ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.