حيدرآباد ۾ سنڌو نواز کي گهر خالي ڪرائڻ جو نوٽيس، پوليس چڙهائي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد ٿاڻي جي حد انڊسٽريل ڪالوني ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه سنڌو نواز  گهانگهرو جي والد جي گھر تي پوليس چڙهائي، ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ بعد پوليس واپس رواني ٿي وئي. قاسم آباد پوليس ڪالھه سنڌو نواگهانگهرو جي پيء علي نواز گھانگھرو جي انڊسٽريل ڪالوني ۾ واقع گھر جي چڙھائي ڪئي ۽ گھرڀاتين کي هراسان ڪندي گھر خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو. ان تي گھر ۾ موجود سنڌو نواز گھانگھرو، حمز علي چانڊيو ۽ ٻين ڪارڪنن سخت مزاحمت ڪئي، ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ تي پوليس واپس رواني ٿي وئي. ان سلسلي ۾ سنڌو نواز گهانگهرو جو چوڻ هو ته اسان جي گھر جو ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ آھي، پوليس بنا ٻڌائڻ جي گھر ۾ داخل ٿي حراسان ڪيو، پوليس اهلڪار بنا ٻڌائڻ جي گهر جي اندر داخل ٿيا ۽ سندن رويو انتهائي گهڻو خراب هو. هن چيو ته هي سڀ ڪجهه ڪراچي ۾ پرامن رواداري مارچ ڪرڻ جي ڪري ٿي رهيو آهي, ان کان اڳ پوليس کي هي گهر ڇو ياد نه پئي آيو. حمز علي چانڊيو چيو ته چاچا علي نواز گھانگھرو گھر خريد ڪيو ھو, جنھن جي مد ۾ ڪجھه رقم ڏني وئي ھئي، باقي رقم گھر جي رجسٽريشن بعد ڏيڻي ھئي، ھاڻي گھر جي رجسٽريشن نه پئي ٿئي، اھو معاملو عدالت ۾ به ھلندڙ آھي، پوليس بنا جواز چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪري گھر ۾ زبردستي داخل ٿي اڌ ڪلاڪ ۾ گھر خالي ڪرڻ جو چيو. ھن چيو ته ڪراچي ۾ رواداري مارچ نه ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي حيدرآباد کين فون ڪئي ھئي پر ان باوجود ھنن ڪراچي ۾ مارچ ڪري ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان تي پوليس مختلف انتقامي ڪاروائيون پئي ڪري، ھوڏانھن قاسم آباد پوليس جو چوڻ هو ته سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز علي چانڊيو جي گرفتاري لاءِ نه پر عدالت جي بيلف سان گڏجي گھر خالي ڪرائڻ واري عدالتي نوٽيس تي عمل ڪرائڻ ويا ھئاسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.