عمرڪوٽ (ڊ ر ) ميرپورخاص سنڌڙي لڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ۽ مقتول ڊاڪٽر جي لاش ساڙڻڻ واري مامري جو عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي خبر موجب لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس جي ٻن پروفيسرن ته جوڙيل ٽيم ڊاڪٽر شاهنواز ڳوٺ جانھيرو پهتي جتي 26 ڏينهن اڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر ڪشائي ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ميڊيڪل ٽيم جزا کڻي واپس رواني لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنس جي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر وسيم قريشي, ڊاڪٽر طاهر، ڊاڪٽر واحد، ڊاڪٽر راحيل ۽ پنج ڊاڪٽرن نگراني ۾ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ٽيم جوڊيشل مجسٽريٽ عمرڪوٽ عامر راجپوت جي نگراني ۾ مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش قبر مان ڪڍي جزا ورتا لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائينس کان آيل ميڊيڪل بورڊ ٽيم ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جا جزا کڻي واپس رواني ٿي وئي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر تي پهچي قبر ڪشائي ڪري جزا وٺي رپورٽ لاڳاپيل کاتن کي موڪليو ويندا ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش جا 13 جزا ورتا آھن جيڪي ليبارٽري ٽيسٽ ڪيا ويندا ھڪ مھيني اندر رپورٽ پڌري ڪئي ويندي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قبر ڪشائي ڪرڻ وقت ايس ايس پي عمرڪوٽ عذيز احمد ميمڻ پڻ موجود ھو سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا صحافين کي قبر جي ويجهو اچڻ کان روڪيو ويو هن معاملي ۾ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ وڌيڪ جانچ ۽ قانوني ڪارروائي ٿيڻ جي اميد آهي مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن ۽ سول سوسائٽي سانڃا وندن عام ماڻهو جون نظرون هاڻي رپورٽ تي ڄميل جنهن مان ڪيس ۾ اهم انڪشافات ٿيڻ جا امڪان آهن.