اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اڊيالا جيل ۾ ڊاڪٽرن پارٽي جي باني عمران خان جو چيڪ اپ ڪيو ۽ ٻڌايو ويو ته هو صحتمند آهي. ڊاڪٽرن ۾ اي اين ٽي ۽ طبي ماهر شامل هئا. عمران خان کي ورزش به ڪرائي وئي. عمران خان جون ميڊيڪل رپورٽون جلد شيئر ڪنداسين. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن جي 2 رڪني ٽيم پي ٽي آءِ باني جو طبي معائنو ڪيو.